MATAM HIK ORAT JO (Requiem for a Woman's Soul)

































مهاڳ

جيئن ڪنهن خوفناڪ فلم (هارر مووي) جي مُنڍ ۾ ٻڌايو ويندو آهي ته ڪمزور دل وارا ماڻهو هيءَ فلم نه ڏسن؛تيئن چوڻ لاءِ چئي سگهجي ٿو ته حساس دل وارا ماڻهو هيءُ ناول نه پڙهن،پر اُهي پاڻ کان اِهو هڪ سوال ضرور ڪن ته سندن اِها دِلي ڪمزوري ختم ڪيئن ٿيندي؟ ڪهڙو ڪُشتو، ڪهڙو معجون، ڪهڙو نُسخو ڪهڙي تپسيا يا ڪهڙي ڪَسرت اِن ڪمزوريءَ جو ترياق آهي؟ ڀلا ايئن آهي ڇا ته هر تڪليفَ، خوفَ ۽ ڏُکَ کان اکيون ٻوٽي، اُن مان بچي سگهجي ٿو، ايئن ئي جيئن ڪنهن فلم جي اَڻ وَڻندڙ سِينَ کي اسان تيز ٽپائي (فاسٽ فارورڊ) اڳتي ڪندا آهيون؟ جيئن مشال خان جي موت جي وڊيو کوڙ سارن حساس ماڻهن کان ڏٺي ڪونه ٿي هوندي؟ پر حقيقت اِها آهي ته جنهن سماج ۾ ڏاڍُ آهي، جبرُ آهي، ڦُرلٽ آهي، اڻبرابري آهي، نفرت آهي، بُک آهي، قتل آهن، اُتي انهن سماجي بيمارين کي درگذر ڪرڻ بدارن انهن تي ڳالهائڻ، لکڻ ۽ انهن خلاف مزاحمت ڪرڻ سان ئي اسان پنهنجو حساس پڻو ۽ پنهنجو پاڻُ بچائي سگهون ٿا، ٻي صورت ۾ حساس هئڻ جي بهاني هيٺ اسان ويتر بي حس ئي ٿيندا وينداسين. ڇو ته اسان جيترو ٻئي جي تڪليف کان پاڻ بچائڻ جي ڪندا آهيون، اوترو ئي اسان ڦاسندا آهيون ۽ اوترو اسان پاڻ ٽري سگهندڙ تڪليفن جي وَرِ چڙهندا آهيون ۽ ساڳي وقت اڻٽر عذابن ۽ اهنجن سامهون به ڪمزور ثابت ٿيندا آهيون. اسان پاڻ بچائڻ ۽ پاڻ کي محفوظ رکڻ جي خبط ۾ ايترو ته ڦاسي ويندا آهيون جو تباهي، خوف ۽ مايوسي جي  دورَ ۾ اسان قبر جي تابوت ۾ ئي پاڻ کي سولو سمجهندا آهيون.اهڙي ئي دور لاءِ اياز چيو هو ته:
ڪتا ڀئونڪن
ڀاڳيا ڀئونڪن
چور به ڀئونڪن ٿا!
ڪيڏي آ اُوناڙَ هوا ۾!
هر هر هينئين ڦاڙَ هوا ۾!
جارا ڇِرڪن
چارا ڇِرڪن
تارا ڇِرڪن ٿا!
۽ عوام دشمن حڪمرانَ اِهو ئي واحد ڪم ڀلي ۽ سهنجي نموني ڪري سگهندا آهن، يعني سماج ۽ عوامَ کي قبرستان وارو اَمنُ ڏيڻ. جنهن سماج ۾ سرمايو بنا ڪنهن مزاحمت جي عام عوامَ جي پيرن هيٺان سندس صدين واري زندگي جا وسيلا ڪڍندو وڃي، جتي قومي ۽ صنفي جَبرُ حالَ جي حقيقت هجي،اُتي اَمنُ حڪمرانن جو ظاهري نعرو هوندو آهي. جنهن هيٺ هُو هَرَ ويلَ عامَ عوامَ سان جنگ جي حالت ۾ هوندا آهن ۽ اسان هِنَ ڪارپوريٽ ميڊيا جي مهرباني سان اِهو سمجهڻ شروع ڪندا آهيون ته اها جنگ مون سان نه پر ٻي ڪنهن سان جاري آ. پر ”مان“ ڇا آهيان؟ ”مان“ ته ”تون“ جي مهرباني آ. ڇاڪاڻ ته جي ”تون“ نه هُجَي ته ”مان“ ڪٿي هوندي؟ جڳ مشهور جرمن فيلسوفَ هيگل چيو هو ته انسان وٽ ذاتِ جو شعورُ اُنَ ڪري آهي جو اُنَ جو واسطو ٻي ذات جي شعورَ (انسان) سان هوندو آهي. اِن ڳالهه کي ”ٻوليءَ“ حوالي سان پڻ سمجهي سگهجي ٿو،جيڪا عملي شعورُ آهي ۽ پاڻ سان گڏ ٻئي لاءِ هوندي آهي. ڪُتي ٻِلي ۾ ذاتِ جو شعورُ ناهي ٿيندو. جانورن جي ذات سان اُنهن جو شعورُ جبلي طور هِڪُ هوندو آهي. تنهنڪري هڪ جبلت جي سامهون بس ٻي جبلت هوندي آ، ذات جو شعور ناهي هوندو. ذات جو شعورُ ماڻهوءَ جي سماجي وجود جي دَينِ آهي. ڪُلَ جو خيرُ ته پنهنجو خيرُ. اِهو ڪُلُ سماجُ آهي، ماڻهوءَ جي هيڪڙائي آهي. 
پائي ڪانُ ڪَمانَ ۾، ميان! مارِ مَ مون؛
مون ۾ آهين تون، متان تنهنجو ئِي توکي لڳي
)شاهه(
    سو سڄي سماج کي مرندو ڏسي؛پاڻ بچائڻ جي ڪوشش، صرف سماج ۽ ڪنهن ٻي کان ويڳاڻپ کي ڪونه ٿي اظهاري، پر اها ذات کان ويڳاڻپ جو اظهارُ ۽ نتيجو به آهي.ٻئي سان ڌوڪو ۽ دولابُ اُهو ماڻهو ئي ڪري سگهي ٿو، جيڪو پهرين پاڻ کي ٺڳي. اها ويڳاڻپ، ذات جو اِهو ڪوڙو ڀرمُ،اها ننڊ ئي ته آهي،جنهن سان هر دور جي عوامي مزاحمت جهيڙيو آهي. 
سُتي سيجَ هُياسِ، مونکي آهَه اُٿاريو
جنين جاڳاياسِ، آءُ نه جيئندي اُنِ ريءَ.
(شاهه)
  ميڪسم گورڪيءَ چيو هو ته هڪ انسانَ کي ٻئي انسانَ جي تذليلَ ۽ تڪليفَ ڪڏهن به نه وِسارڻ گهرجي، پر اسان اهو سڀ ڪُجهه وِساري پاڻ کي انسانُ سمجهڻ جي ڪوشش ۾ آهيون.يعني جيڪا شئي اسانکي ٻين سان جوڙي ٿي ۽ اسانکي ذاتِ جو شعور ڏي ٿي، تنهن منجهان هَٿَ پَٽڻ لاءِ اسان هر وقت آتا هوندا آهيون. پر ڀٽ جو ڌڻي ايئن ڪونه ٿو سمجهي،هو چوي ٿو: 
ڏُکَنِ ڏيکارِيومِ، گوندر گُسَ پِرِينءَ جو
   سو ڏُکن جو پَنڌُ اِنَ ڪري شعوري طور ڪجي ته جيئن اڳيان هلي سُکَ جو ساهُه ماڻي سگهجي، مزاحمت اِنَ ڪري ڪجي ته جيئن اَمن سان صرف نالي ۾ نه،پر حقيقت ۾ ڳَرُ لهي سگهجي ۽ مزاحمت صرف سياسي ناهي ٿيندي يا صرف سياست تائين محدود ناهي هوندي، مزاحمت ۾ ثقافتي محاذُ پڻ سياسي محاذَ جيترو ئي اهم هوندو آهي .انقلابي ثقافتَ بغير انقلابي سياستَ جِي ۽ انقلابي سياست بغير انقلابي ثقافتَ جِي اوسر ناهي ٿيندي.انقلابي ثقافتَ، انقلابي سياست جي وجود لاءِ آڪسيجن مثل هوندي آ ۽ اَدبُ اُنَ ثقافتي محاذَ جو سگهارو مورچو آ. اَدبَ ۽ سياستَ جو پاڻ ۾ گهرو لاڳاپو آهي. ٻئي هڪٻئي تي آڌاريندا ۽ هڪٻئي کي ساهُه ڏيندا ۽ وٺندا آهن. سياست جڏهن ساڻي ٿيندي آ ته ساهَه لاءِ ادبَ ڏانهن واجهائيندي آ، اَدبُ جڏهن مُنهُن مُونَن ۾ هڻندو آهي ته سياستَ اُنَ کي ٻاهر عام سان ڳنڍيندي آهي. ادب ۽ سياست جو اِهو سَنگ اسان وٽ (يعني سنڌ ۾) نوي جي ڏهاڪي ۾ جيڪو ٽُٽو  سو اڃا تائين ڪونه جُڙيو. اُنَ پوري دور ۾ سياست ۽ ادبُ هڪٻئي تي تنقيدي ٿيڻ بدران هڪٻئي کان ويڳاڻا رهيا ۽ هڪٻئي کان ڇرڪندا رهيا. نتيجي طور ٻئي عوامي مورچا ڇَسا ٿيندي،ماضيءَ جي اوج واري ماليخوليا ۾ ڦاسندي، حال ۾ عوامي نمائندگيءَ جي دعوا ۽ عمل کان دُور ٿيندا رهيا. اَدبُ دنيا جو احساساتي اظهار آهي ۽ احساسَ به سماجي ٿيندا آهن. اُنهن جي به اَوسَرِ ٿيندي آ. اَدبُ اسان جي احساساتي تربيت ڪري ٿو. ڇسو اَدبُ ماڻهوءَ جي احساسن سان کيڏندو آهي، انهن کي مُڏو ڪندو آهي، اُنهن جي اَوسر ناهي ڪندو. بهتر اَدبُ پنهنجي حالتن تي تنقيدي ٿيندو آ، اُهو ننڊاکڙي ماڻهوءَ کي ڇرڪ ڏيندو آهي، چُنهُنڊِي پائيندو آ، هوشياري وٺرائيندو آ، اميدَ،حوصلو ۽ بهادري بخشيندو آ ۽ جي ڪٿي ضرورت پوي ته ڇسي اميد پرستيءَ کان جان ڇڏائيندي حقيقي مايوسيءَ جي مُنهَن مقابل ڪندو آ. لطيف جي هنن سٽن وانگي ته: 
کُهي جا کنئي، وِکَ تنهن ويجهي ڪئي
هي ناول به اِهو ئي ڪُجهه ڪري ٿو. 1986ع ۾ ڇپجندڙَ هِنَ ناولَ (Requiem for woman’s soul) جو ليکڪ عمر روابيلا هڪ ارجنٽينائي 
صحافي آهي.هيءُ ناولُ سوزانا نالي هڪ عورت جي جيلَ وارتا آهي،اُنَ تڪليف، تشدد، زنا ۽ زِيانَ جو داستانُ آهي، جيڪو هُونءَ به هر محڪومَ ۽ مظلومَ جو قصو آهي:
نقش فريادي هي ڪس ڪي شوخيءَ تحرير ڪا
ڪاغذي هي پيرهن هر پيڪرِ تصوير ڪا.
           (غالب)
ناول جو ٻيو اهم ڪردار اينتونيو هڪ ڪيٿولڪ پادري آهي، جنهنجو روحُ پاپائيت جِي روايت جِي صليب تي اڃا ناهي چڙهيو. هُو سوچي ٿو، ساهُه کڻي ٿو ۽ مَنَ ۾ سوالَ پالي ٿو. سندس مَنَ جي آنڌ مانڌ کي ڪو مُنهُن ڪونهي، پر هڪ ڏينهن جڏهن کيس هڪڙو بند دٻو ملي ٿو، جنهن کي کولڻ سان گُونهَن ۽ مُٽَ جي ڌَپَ سڄي ڪمري ۾ پکڙجي ٿي  تڏهن اها ڌَپَ ته شايد ڏينهن ڏيڍ ۾ ختم به ٿي وڃي ٿي، پر اُنَ دٻي ۾ پنن ٽڪرين تي موجود لکڻيءَ جا اثر پادريءَ جي سموري زندگيءَ کي تبديل ڪري ڇڏين ٿا. پادري انهن لکڻين کي سٽاءُ ۾ آڻي هڪ جيل ڊائري کي جنمي ٿو ۽ بند کوليءَ جي ٽارچر کي پاڻ هڪ ترتيب ۾ محسوس ٿو ڪري. اهڙيءَ ريت ناول پڙهندڙَ مٿان کُلندو وڃي ٿو. پر اُنَ کول کي اڃا بهتر ڪرڻ ۽ ناول جو پس منظر سمجهڻ لاءِ اُن دور جي ارجنٽينا ۽ لاطيني آمريڪا جي سياسي سماجي بيهڪ تي هڪ نظر وجهڻ ضروري آهي. 
لاطيني آمريڪا ٽين دنيا جو اُهو کنڊ آهي؛ جيڪو پڻ آفريڪا ۽ ايشيا وانگي، بيٺڪيتي دور جي سمورن عذابن منجهان گذريو آهي، جنهن جي مزاحمت جا داستان پوري دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم عوام کي اُتساهيندا رهيا آهن، جيڪو جديد بيٺڪيتي دور ۾ پڻ سامراجي سازشن جي وَرِ چڙهندو رهيو آهي. 1959ع ۾ ڪيوبا جي انقلاب کانپوءِ آمريڪا پنهنجي پُٺِ کي سرخ سياستَ جي اثرن کان بچائڻ لاءِ فوجي جرنلن کي اڳيان ڪيو. 1964ع ۾ برازيلَ جي صدر گولارٽ جي حڪومت کي فوجي ڪُودتا سان ختم ڪيو ويو.1971ع ۾ بوليويا اندر جنرل بانزرَ چونڊيل حڪومت تي قبضو ڪيو. يوراگوئي اندر 1973ع ۾ فوجي آمريت قائم ٿي. اَڄُ آمريڪا ٽوئين ٽاورز تي دهشتگردن جي حملي کان پوءِ تاريخَ کي نائين اليون کان اڳ ۽ پوءِ جي دنيا ۾ ورهائي ڏسڻ چاهي ٿو، پر هڪ ٻيو نائين اليون (9-11) آمريڪا جي آشيرواد سان تاريخ ۾ پهرين به ٿي چڪو آهي، جڏهن سال 1973ع ۾ 11 سيپٽمبر تي جنرل آگستو پنوشي جي ڪمانَ ۾، چليءَ جي  جمهوري حڪومتَ ۽ پهرين اشتراڪي چونڊيل صدر سِلوادور آلندي جو سندس ئي صدارتي محل ٻاهران ٽينڪن سان گهيراءُ ڪيو ويو ۽ هوائي فوج سان سندس ئي صدارتي محل تي حملو ڪيو ويو. آلندي هَٿُ ڪونه ڏنو ۽ خودڪشي ڪري ڇڏي. اِها آمريت 1990ع تائين جاري رهي جنهن ۾ هزارين ماڻهو مارڻ سان گڏ هڪ لک ماڻهن کي ٽارچر سيلن منجهان گذاريو ويو. نه صرف ايترو پر 1975ع ڌاري سي آئي اي  جي اٺن آفيسرن چليءَ ۾ هڪ ادارو Directorate of National intelligence (DINA) جوڙيو،جنهن تَرَ جي مختلف ملڪن جي فوجي آمرن ۽ هاءِ ڪمان عسڪري آفيسرن جي ميزباني ڪري عوام دوست قوتن خلاف بين الرياستي آپريشن شروع ڪيو،جنهن کي آپريشن ڪونڊر سڏيو ويو.24 مارچ 1976ع تي جنرل جارج رافيل وديلا ارجنٽائين جي جمهوري ۽ عوامي حڪومت جو خاتمو آندو ۽ ڳجهه ڳوهَه ۾ پهرين کان جاري رياستي تشدد کي تيز ڪيو. ”عزيز هم وطنو!“ واري روايتي تقريرَ ۾ آمر رافيل وديلا چيو ته ”دهشتگرد اُهو ڪونهي جنهن جي هَٿَ ۾ بندوقَ يا بَمُ هجي پر هر اُهو ماڻهو دهشتگرد آهي،جيڪو اولهه ۽ عيسائي تهذيب جي اُبتڙ خيالن (سُرخ خيالن) جي واڌويجهه ڪري ٿو.“ اهڙيءَ ريت ”آپريشن ڪونڊر“ جي نالي هيٺ  لاطيني آمريڪا جي ڏاکڻين رياستن (ارجنٽينا، چلي، بوليويا، برازيل، پيراگوئي ۽ يوراگوئي) ۾ آمرن جي پُٺِ ڀرائي ڪري، عوامي حڪومتن جو منظم اندازَ ۾ تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ انقلابي پارٽين خلاف ڪاروائي ڪندي، سياسي ڪارڪنن کي چُونڊي چُونڊي ماريو ويو. (ان حوالي سان اوباما  دور ۾ ئي 2016ع ۾ سي آئي اي پاران کوڙ ساري ڄاڻ ڊي ڪلاسيفاءِ ڪئي وئي آهي.) هيءُ ناول ارجنٽينا جي سياسي سماجي ۽ ادبي پس منظر ۾ لکيو ويو آهي، جتي آمريت ۽ رياستي تشدد جي چِٻَ  مُلڪ جي آکيري تي ڏهه سال ويٺي رهي، (1974 کان 1983 تائين) جنهن ۾ قومي تنظيمِ نَو جي نالي هيٺ هڪ ڪميونسٽ مخالف سٿ ( Argentine Anticommunist Alliance (Triple A)) جوڙي، ساڄي ڌر منظم انداز ۾ کاٻي ڌر جي سياسي ڪارڪنن، ٽريڊ يونين اڳواڻن،شاگردن، دانشورن ۽ عوامي صحافين سميت هر اُنَ وجود تي حملي آور ٿي،جنهن ۾ عوامي سگهه تي ويساهَه، ساهُه کنيو ٿي. 30 هزار ماڻهو کنڀي گم ڪيا ويا، جيڪي پوءِ ڪڏهن به ظاهر نه ٿيا.نه وِساريو ته اتان جي عسڪري جنتا جو صلاحڪار پڻ اُهو ساڳو هينري ڪسنجر هو، جنهن ذوالفقار ڀٽي کي چيو هو ته اسان توکي بدترين مثال ۾ بدلائينداسين ۽ پوءِ ضياءَ جي صورت ۾ اها ساڳي فوجي آمريت پاڪستان مٿان 11 سالن تائين مڙهي وئي ۽ سماج جي جيڪا چيرَ ڦاڙَ ٿي، تنهن مان اڃا تائين رت ڳڙي ٿو پيو. ارجنٽائين ۾ آمريت 1983ع تائين جاري رهي ۽ هيءُ ناول 1986ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو.ليکڪ عمر روابيلا هڪ صحافي هو ۽ اِنَ شئي جا گهڻا امڪان آهن ته سندس ناولُ سندس تخيّل جو نه، پر اُنهن حالن احوالن جو ادبي اظهار هجي، جيڪي ٽارچر سيلن کان بچي نڪتل اڌ مئل ماڻهن ليکڪ سان ڪيا.سو اِنَ لحاظ کان هيءُ ناول ۽ هِنَ جي مرڪزي ڪردارَ سوزانا جِي وارتا نه رڳو ارجنٽينا پر لاطيني آمريڪا جي ڏاکڻين رياستن جي حقيقي بيهڪ جو عوامي بيان آهي، جنهن ۾ هڪ اندازي مطابق 50 هزار ماڻهو سڌيءَ ريت ماريا ويا، هزارين گم ڪيا ويا (غالب امڪانُ آهي ته اهي پڻ ماريا ويا) ۽ چئن لکن ماڻهن کي ٽارچر سيلن، ڪال ڪوٺڙين ۽ عذابن جي وَرِ چاڙهيو ويو.هِيءُ ناول اُنَ دور جي دانهَن آهي،جيڪو ڪڏهن هُتِ ته ڪڏهن هِتِ اڃا به جاري آهي. جَنهِن جِي بدترين صورتَ اڄ وچ اوڀرَ (عراق، افغانستان، لبيا، شام ۽ يمن) جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي. جمهوريت جي علمبردار آمريڪا جي گوانتانامو بي ۽ اَبوغُرَيب جيل جون تصويرون ڪنهن کان وسريون هونديون،جنهن ۾ اُونڌي لڙڪايلَ اُگهاڙنِ ماڻهن مٿان مُٽيو ويو، مَٿن ڪُتا ڇڏيا ويا ۽ مَٿن تشدد جي نون حيواني طريقن جا تجربا ڪيا ويا.خود اسان جي سماج ۾ سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ اُنهن جي چچريل لاشن جو ملڻ اهو ئي ٻڌائي ٿو ته رياست، تشدد تي پنهنجي هڪ هٽي قائم رکيو اچي. اهڙيءَ ريت ناول جو مرڪز نه پادري انتونيو آهي ۽ نه وري سوزانا، پر اُهو تشدد آهي جيڪو ٻنهي ڪردارن جو پاڻ ۾ رشتو جوڙي ٿو. اهو بي رحم تشدد ئي آهي، جنهن جي اُگهاڙپَ هر صاحبِ ايمان ماڻهوءَ جي ايمان تي سوال پيدا ڪري ٿي ۽ انسانيت يا سماجَ جي تضاد کي وائکو ڪري ٿي، جيڪا ڪٿي سياسي ادبَ ۾ فينن جي ٻولي ڳالهائي ٿي ته ڪٿي ايران جي اشرف دهقانيءَ جيان اعترافي ٿئي ٿي. پر اسان کي تاريخ جو اِهو سبق نه وِسارڻ گهرجي ته تشدد ڪو تخليقي عمل ڪونهي،پر اهو ٻين مادي ۽ تخليقي محرڪن جي نئين سِر جنم لاءِ ڪُجهه خاص حالتن ۾ اڻٽر ٿيندو آهي ۽ مونکي اهو چوڻ ڏيو ته سنڌ جي مزاحمتي سياستَ ۽ ادبُ اُهي خاص حالتون سمجهڻ کان هيل تائين نابري ويٺل آهن. اسانجي مزاحمتي سياست ۽ ادب کي کوڙ ساري عالمي مواد جي ترجمي جي ضرورت آهي ۽ دوست ننگر چنا هن ناول جو سنڌي ترجمو ڪري، ان ضرورت کي پوري ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀايو آهي، تنهن تي کيس سُرخ سلام  پيش ڪجي ٿو. 

بخشل ٿلهو
حيدرآباد
04.07.2017

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
https://www.pinterest.com/roshnipublication
https://www.goodreads.com/book/show/38896435-matam-hik-orat-jo

Book No . 892
Kitab Jo Nalo : MATAM HIK ORAT JO (Novel)

(Requiem for a Woman's Soul)
Originally Written in Spanish language : 1986

Author : Omar Rivabella
English Translation : Paul Riviera & Omar Rivabella
Sindhi Translation : Nangar Channa

First Edition © Roshni 2018
Pages : 159
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 200.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڪاٺياواڙ اسٽور، اڙدو بازار، ڪراچي
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد + ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري، نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو+ شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو+ جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو +سنڌيڪا بوڪ شاپ ، لاڙڪاڻو +نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو+ نويد سراج ڪتاب گهر،قمبر
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي، شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

No comments:

Post a Comment