DEEWAN-E-HAFIZ SHIRAZI (Sindhi Translation of 100 Selected Ghazals)





















































اسان کان اڳ وارو نسل، جيڪو ويهين صديءَ جي شروعاتي سالن ۾ ڄائو يا وڏو ٿيو، انهن جي ذهني اوسر ۽ علمي تربيت ۾ ٻين ڪيترن عنصرن سان گڏ فارسي ادب جو، ۽ خاص ڪري شاعريءَ جي حوالي سان استاد شاعرن جو وڏو ڪردار هو؛ ۽ سندن شاعريءَ سان گڏ انهيءَ جي صوفياڻي روايت کان به متاثر ٿيڻ جو وڏو امڪان هو، جنهن حقيقت جي روپ ۾ سندن ذهنن کي صوفياڻي فڪر سان سلهاڙي ڇڏيو.
منهنجو والد مرحوم محمد يعقوب ’نياز‘ به انهيءَ نسل سان تعلق رکندڙ هو ۽ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم سندن دور جي خصوصيت هئي، جنهن جا سمورا مرحلا طئي ڪري، عام طرح سان ماڻهو مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درس تدريس سان لاڳاپجي ويندا هئا. اسان جي خاندان جي به اها روايت هئي، پر منهنجو بابا پنهنجي خاندان کان ڪجهه مختلف هو، هو علم جي حصول لاءِ ڪنهن به ٻوليءَ جي قيد کي قبول ڪرڻ وارن مان ڪونه هو. پنهنجن ٻين مسلمان هم ڪلاسين ۽ دوستن جي برعڪس هن عربي، فارسيءَ کانسواءِ سنسڪرت ۽ هنديءَ جي به سکيا ورتي ته اردو زبان جي اُن دور ۾ سنڌ ۾ ميسر ڪتابن مان ڀرپور مدد وٺي سکيا ورتي. زندگيءَ جي انهن شروعاتي سالن ۾ جيتوڻيڪ هن جي پھچ انگريزيءَ تائين ڪانه ٿي سگهي، پر اڳتي هلي غير رسمي طرح سان هو پنهنجي وڏي پٽ سراج جي تعليمي سرگرمين ۾ ساٿ ڏيندي، جتي پاڻ کيس عربي، فارسي ۽ سنڌي پڙهائڻ ۾ مدد ڪندو هو، اتي پاڻ وري کائنس انگريزي لکڻ پڙهڻ سکيو، ائين هو ڪا باقاعدي انگريزي تعليم حاصل نه ڪرڻ باوجود، ان ٻوليءَ سان به روشناس هو. سندس جنم 1904ع ۾ ٿيو ۽ 15 سالن جي عمر ۾ سنڌي فائينل پاس ڪري 20-1919ع ڌاري تدريس سان لاڳاپجي ويو، پر پوءِ به پنهنجي تعليم جاري رکيائين، ۽ اهي سڀ مرحلا طئي ڪيائين، جيڪي ان دور ۾ عالم فاضل ٿيڻ لاءِ ضروري هئا. ان سان گڏوگڏ هن استادن جي لاءِ ضروري تربيتي ڪورس به ڪيا ۽ حيدرآباد جي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج کانسواءِ لائلپور جي زرعي ڪاليج مان به تعليم پرائي؛ ۽ وقت جي اڪثر رسالن ۽ مخزنن ۾ لکندو به رهيو. سندس لکيل ڪيترائي افسانا، مضمون ۽ خليل جبران، عمر خيام ۽ حافظ شيرازيءَ جي شعرن جا ترجما، وقت بوقت شايع ٿيندا هئا. ان کانسواءِ هن شاهه لطيف جو به گھرو مطالعو ڪيو هو ۽ ان جي ڪجهه سُرن جي شرح به لکي هئي، جيڪا اسان وٽ موجود آهي، ان کي ڪنهن وقت شاهه لطيف چيئر ۾ مون ڪمپوز به ڪرايو هو، پر پوءِ اها ڪن سببن جي ڪري ڇپجي نه سگهي هئي.
83-1982ع ڌاري مون کي بابا جو هڪ جهونو رجسٽر مليو، جنهن ۾ هن ’ديوان حافظ‘ مان چونڊ غزلن جو ترجمو ڪري سمجهاڻين ۽ ڏکين لفظن جي معنائن سان گڏ لکيو هو. مون کائنس ان کي ڇپائڻ جي اجازت گهري ته چيائين ته اهڙا ڪي ٻيا به رجسٽر هوندا، ڇو جو مون حافظ جا سئو (100) غزل ترجمو ڪيا هئا. اُن زماني ۾ (1975ع کان) بابا حيدرآباد کان ڪراچيءَ ۾ ادا سراج جي گهر اچي ويو هو، جو هڪ هڪ ڪري اسان، سندس سمورو اولاد، لڏي ڪراچيءَ ۾ اچي ويا هئاسين، ڀائرن مان صرف هڪ ڀاءُ انعام الحق (مرهيات) حيدرآباد ۾ رهيو هو. بابا جي صحت خراب رهڻ لڳي هئي، ان ڪري ادا سراج کيس پاڻ سان وٺي آيو هو ۽ هن سندس علاج ۽ خدمت ۾ ڪا ڪثر ڪانه ڇڏي، بھرحال اسان جي حيدرآباد واري گهر ۾ موجود ڪتاب ڪجهه ته بابا ڪراچيءَ کڻي آيو هو ۽ ڪجهه اتي ئي رهجي ويا هئا. مون ديوان حافظ جي ترجمي وارا ٻيا رجسٽر ڳوليا، پر ملي نه سگهيا. ان ڪري انهيءَ هڪ رجسٽر ۾ لکيل 50 غزلن تي مشتمل مواد ڇپائڻ لاءِ محترم نثار حسينيءَ جي حوالي ڪيم، جنهن ان کي هڪ ننڍڙي ڪرائون سائيز ڪتاب (ديوان حافظ) جي صورت ۾ شايع ڪيو ۽ ان جو شاندار مهورت به ڪرايو؛ ته گڏوگڏ ان تي تمام سٺا تبصرا به ٿيا. اهو ڪتاب هاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي، مون وٽ به هڪ ڪاپي، شايد آخري ڪاپي بچي هئي. ان ڪتاب جي باري ۾ ڪيترائي ڀيرا ماڻهن مون کان پڇيو هوندو، پر مون کي معذرت ڪرڻي پوندي هئي. تازو جڏهن ادا سراج جي وفات کانپوءِ سندس پراڻن ڪتابن، مسودن ۽ ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ پئي ڪئيسون ته انهيءَ مان ديوان حافظ جو ٻيو تصحيح شده واڌو غزلن سان هڪ رجسٽر مليو. ان کي اڏوهي لڳل هئي ۽ ڪاغذ پڻ ڀُري رهيا هئا. مون ان کي هڪ ڌار رجسٽر ۾ اتارڻ شروع ڪيو ۽ جتي جتي اڏوهيءَ سبب يا ڪاغذ ڳري وڃڻ سبب ڪو لفظ يا سٽ پڙهڻ ۾ نٿي آئي، ان کي پنهنجي سمجهه آهر ڪتابن ۽ لغتن جي مدد سان ۽ انٽرنيٽ تي موجود ديوان حافظ جي نسخن ۽ ترجمن کي ڏسي مڪمل ڪيو اٿم. هاڻوڪن نسخن ۾ ڪي لفظ يا ماڳهين ڪا سٽ بنھه مختلف ڏٺم، پر مون ڪوشش ڪري اصلوڪو نمونو قائم رکيو آهي، يا گهڻي فرق جي صورت ۾ ان جي وضاحت ڪئي آهي. الائجي ڪيتري ڪامياب ٿي آهيان، بھرحال هاڻي جڏهن مون حافظ شيرازيءَ بابت ڪتابن جو مطالعو پئي ڪيو ته ڏٺم ته انگريزيءَ ۾ به هڪڙو ڪتاب حافظ جي 100 غزلن جي ترجمي وارو موجود آهي. ان مان ڀانئيان ٿي ته اهو شايد ڪو رواج هو ته ڪنهن شاعر جا اهم 100 غزل ترجمو ڪجن يا سھيڙي شايع ڪجن، ان انگريزي ڪتاب جو نالو آهي
“Drunk on the Wine of the Beloved”
Poems of Hafiz-Translated by Thomas Rain Crowe-2002
انگريزيءَ ۾ هڪ ٻيو ڪتاب پڻ پڙهيم،Hafiz:Teachings of the Philosopher of Love جيڪو هڪ آمريڪي ليکڪ، روجر منٽگمري ۽ ايراني ليکڪا هاله پور افضل (Haleh Pour Afzal) جو لکيل آهي، ۽ ڪي ٻيا ننڍا وڏا ڪتاب ۽ مضمون پڙهڻ جو موقعو مليو ته خبر پئي ته حافظ جو جرمن ٻوليءَ ۾ ترجمو پڙهي گوئٽي به تمام گهڻو متاثر ٿيو هو ۽ هن سندس لاءِ لکيو هو:
Holy Hafiz you in all
Baths, and taverns I will recall
When the loved one lifts her veil
Amergries her locks exhale
More the poet’s love song must
Melt the houris, move their lust
ساڳيءَ طرح سان امرسن (Emerson) به حافظ کي ڏاڍو ساراهيو آهي:
Up: Hafiz, grace from God’s face
Beams on the pure
Shy thou not hell, and trust thou well
Heaven is secure
انگريزيءَ ۾ حافظ کي ترجمو جيٽروڊ بيل (Getrude Bell) ڪيو، هن لکيو ته ’هن جي اندروني اک کي اهڙي ته نظر حاصل آهي، جو هو اهڙن خيالن ۽ تصورن تائين پهتو، جن تي اسين گهڻو پوءِ پهچي سگهياسين.‘
نٽشي ۽ رڊيارڊ ڪپلنگ به سندس ڪلام کان متاثر ٿيا آهن.
مطلب ته حافظ شيرازي رڳو ايران جي يا ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي نه، پر اولهه جي به وڏن وڏن ذهنن کي متاثر ڪيو آهي. هن ڪتاب کي سمجهڻ لاءِ مون حافظ شيرازيءَ بابت اردو، سنڌي ۽ انگريزي ۾ جيڪي ڪجهه به پڙهيو، انهيءَ مان سندس شاعريءَ بابت ڪي ڳالهيون ٿلهي ليکي سمجهه ۾ آيون، اهي هتي ان حسرت سان لکان ٿي ته ڪاش! مون کي ايتري فارسي اچي ها، جو آءٌ سڌو سنئون حافظ کي سمجهي سگهان ها، جنهن جي شھرت ۽ عظمت کي ڪسوٽي ٺاهي، انگريز ليکڪ رچرڊ برٽن ۽ ان کانپوءِ سورلي به لکيو هو ته سنڌ جا ماڻهو شاهه لطيف کي ’سنڌ جو حافظ‘ ٿا سڏين، (مون ستين ۽ اٺين ڪلاس ۾ بنهه ابتدائي فارسي ٻولي پڙهي هئي، ان ڪري سطحي لفظي معنيٰ سمجهي سگهان ٿي).
حافظ شيرازيءَ جي شاعريءَ جي ٻن استعارن کي سندس شارحن گهڻو ورجايو آهي، سي آهن ’عشق ۽ شراب‘- انهن ٻن استعارن کي صوفي شاعريءَ ۾ گهڻو ڳايو ويو آهي. ڪنهن هڪ ڪتاب ۾ پڙهيم ته انهن شاعرن وٽ عشق ۽ شراب جي نشي ۾ مماثلت ملي ٿي، پر صوفي شاعرن جي بقول ته ’انگوري شراب‘ خود فراموشي پيدا ڪندو آهي، جڏهن ته، عشق خودآگاهي يا پاڻ سڃاڻڻ ۾ مدد ڪندو آهي، جيڪو آخرڪار خدا کي سڃاڻڻ جو ذريعو بڻجي ويندو آهي، ٻئي دنيا کان بي پرواهه ڪري پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن گامزن ڪندا آهن. انگوري شراب جو پيالو اوندهه ۽ انڪار جي پنڌ جو پانڌي بڻائيندو آهي ته ٻئي طرف عشق جي شراب جو قطرو وري روح کي کنڀ ڏئي آزاد ڪري، ڪائنات جون وسعتون ماڻڻ جي سگهه ڏيندو آهي. اُن کي هو ’شراب معرفت‘ به چون ٿا؛ ۽ ان نشي ۾ ورتل عاشق دنيا ۽ مافيھا کان بي خبر ٿي محبوب جي وجود کي ويجهو ٿي. ان ۾ سمائڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي، پر شاعريءَ ۾ ’انگوري شراب‘ ۽ ’پيالي‘ جي استعاري واري حيثيت آهي. صوفين جي زبان ۾ اهو حقيقي محبوب جي محبت جو نشو، صوفيءَ کي هر شيءِ، هر وجود ۾ ان جو جلوو پسائيندو آهي. حافظ شيرازيءَ به اهي استعارا استعمال ڪيا آهن. انگوري شراب ۽ روحاني شراب کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي ۽ هن وٽ صوفي فڪر، انسان جي اندر جي سفر ۽ ڳولا جو ٻيو نالو آهي.
عالمن جو خيال آهي ته ’حافظ‘ جو دنياوي مشاهدو هڪ طرف، پر هن وٽ هڪڙي اهڙي اندر جي اک هئي، جيڪا مستقبل ۾ ڏسڻ جي قابل هئي. شايد اُن ڪري برصغير ۾ ماضيءَ ۾ حافظ جي ديوان مان فال ڪڍڻ جو به رواج رهيو آهي. سو هُو هڪ پيش بين به هو، جنهن ايندڙ وقت لاءِ اڳڪٿيون به ڪيون. سندس خوبين مان ڪي هي آهن: 
(1) تمام اعليٰ ذهني صلاحيت ۽ ڏاهپ، (2) مستقبل بيني، (3) فڪري حوالي سان سوالن جي باري ۾ سندس خيالن ۾ توازن، (4) پنهنجي وقت ۽ ايندڙ وقت جو سائنسي شعور (ڇاڪاڻ جو هو رياضي ۽ ايسٽرالاجي پڙهيل هو) (5) سياسي سماجي تحرڪ (dynamics)، انساني برابري ۽ حقن جو سندس دور جي حوالي سان شعور ۽ (6) هو هڪ بيخوف، خوداختيار شانائتو ماڻهو هو، جنهن سندس وقت جي بنياد پرستيءَ کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. سندس جديد شارح لکن ٿا ته: هن پنهنجي دور جي مذهب جي سختين ۽ بندشن جي ڀيٽ ۾ انسان ۽ انسانيت جي تقدس کي پيش ڪيو، جيڪو صوفي فڪر جو آفاقي پهلو آهي. هو انسان جي زندگيءَ جي جوهر ۾ يقين رکندي خدا جي تلاش ۾ ان کان مدد وٺڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. جوهر (Spirit) ڪن شارحن وٽ ’روح‘ جي معنيٰ رکي ٿو.
ديوان حافظ جي پهرئين شعر ۾ هڪ سوال اٿاريل آهي.
الايا ايها الساقي اَدر ڪاساً وناولھا
که عشق آسان نمود اول ولي افتاد مشکلھا.
(سجاڳ ٿي اي ساقي! پيالي کي ڦيراءِ ۽ پيار! ڇو ته عشق پهريائين 
سولو ڏسڻ ۾ آيو، پر (پوءِ ان ۾) سخت تڪليفون پيش آيون (جن کي اهو شراب ئي آسان ڪندو)
ترجمو: محمد يعقوب ’نياز‘
انگريزيءَ ۾ ان جو ترجمونه، پر ان جو مجموعي تاثر ظاهر ٿئي ٿو:
Oh beautiful wine bearer,
Bring forth the cup and put it to my lips
Path of love seemed easy first,
What came was many hardships
(ترجمو: هاله پورا فضل)
انگريزيءَ ۾ انهيءَ شعر جا مختلف مترجمن مختلف ترجما ڪيا آهن، ڪن قافين جي ضرورت موجب سٽن ۾ ڦيرڦار ڪئي آهي، ته ڪن وري سادو لفظي ترجمو ڪيو آهي. مثال طور شهريار شهرياريءَ ان شعر کي هيئن سمجهيو آهي:
O wine-bearer brighten my cup with the wine
O minstral say good fortune is now mine.
جڏهن ته جيٽروڊ بيل جو ترجمو هن ريت آهي:
Arise oh-cup-bearer, rise! and bring
To lips that are thirsting the bowl they praise
For it seemed that love was an easy thing
But my feet have fallen on difficult ways.
اردوءَ ۾ اُن جو ترجمو هيئن ڪيو ويو آهي:
پلا کے مے که اے ساقي دوائے درد بسمل ها
که عشق آسان لگا پهلے، پڑيں پھر بيش مشکل ها
 (ڊاڪٽر خالد حميد)
اِهو سوال اُهو ئي آهي ته ڇا عشق ڪرڻ آسان آهي؟ اهو پڇي ٿو ته آخر عشق درد (ڏک، سور، گوندر) سان ڇو سلهاڙيل آهي. انهيءَ انساني تجربي جو آخر ايترو دردناڪ انجام ڇو ٿو ٿئي، جو ائين لڳي ته ڏونگر پيا ٻرن، ڌرتي کامي رهي آهي ۽ جيئڻ جو ڪو آسرو ڪونهي.
ڏنءُ لڳو ڏونگر ٻريو، ڀينر کاڻي ڀُون،
منان لاٿو مون، سندو جيئڻ آسرو.
(شاهه لطيف)
اهو ساڳيو ئي سوال ڀٽائيءَ جي ٻين به ڪيترن بيتن ۾ موجود آهي، جنهن ۾ انهيءَ کي جيءَ، جسي ۽ جان جي هيڪاند ڀڃڻ وارو عمل چيو اٿس.
عشق نه آهي راند، ته ڪي ڪَنس ڳڀرو
جيءَ جسي ۽ جان جي، ڀڃي جو هيڪاند
سسي نيزي پاند، اُڇل ته اڌ ٿئي!
ٻيون به اهڙيون ڪي ئي سٽون مثال طور ڏئي سگهجن ٿيون
محبت جي ميدان ۾، سر جو سانگ  ڪر
-
لڳي سيخ وجود ۾، سندي نينهن نئين
جيڪڏهن ’مئه خانو، ساقي، شراب‘ يا وغيره فارسي شاعريءَ جا مکيه استعارا آهن ته اسان وٽ ان جو اثر شاهه لطيف وٽ ’موکي ۽ متارن‘ جي حوالي سان ’سر يمن ڪلياڻ‘ ۾ ڏسي سگهجي ٿو، جتي لطيف انهن کي مقامي رنگ ڏئي ڇڏيو آهي، 
موکي ڪلاڙ يا ڪلال ساقي آهي، متارا مئه جا متوالا آهن ته ’مئه‘ يا شراب وري ’سرو‘ ۽ ’ڪڙو‘ آهي. پيالو ’وٽي‘ آهي. ته مئخاني جو به ذڪر آهي.
’وجهج واٽاڙين تي، مئخاني جي ماڪ‘
فارسي شاعريءَ جا ڪيترا اصطلاح جيئن جو تيئن ڏسي سگهجن ٿا:
’برخيز بده ساقي‘ (اٿي، ڏي اي ساقي) وغيره.
برخيز بده ساقي! پيار کي پرين
پڪين نه پرچن، مٽ تڪيائون منجهيان!
 (شاهه)
سو حافظ شيرازيءَ، انگوري شراب ۽ جوهر يا روح جي شراب جا موضوع ورتايا آهن، هونئن ته عام طرح فارسي شاعريءَ ۾ شراب کي ’شراب معرفت‘ جي معنيٰ ۾ ورتو ويندو آهي، جنهن کي نجات يا نرواڻ، (enlightenment) جو استعارو به سمجهيو ويندو آهي. انهيءَ سان وري خدا جي ذات جا جوهر ’حق‘ ۽ ’خير‘ ظاهر ٿين ٿا ۽ انهن کي سمجهڻ لاءِ ساقيءَ کي يا ڪلال کي رهنما ۽ رهبر طور ۽ مئخاني کي اهڙو علم حاصل ڪرڻ جي جاءِ يا گهر واري حيثيت حاصل آهي. فارسي شاعريءَ جي ٻين علامتن ۾ ’جام جھان نما‘ (Jamshed’s Bluminous cup) يا جمشيد بادشاهه جو اهو پيالو به شامل آهي، جنهن ۾ هو سموري جھان کي ڏسي سگهندو هو. حافظ جي شاعريءَ ۾ ان کي وجود جي نجات (liberating potential) جو عڪس ڏسڻ جو وسيلو سڏيو ويو آهي، جنهن ۾ شعور کي جام جهان نما جي اسرارن ۾ گم ڪري، انساني جوهر کي سڃاڻڻ ۾مدد ملي ٿي. وٽس روحاني رهبر ۽ رهنما جي حيثيت ۾ وري ’پير مغان‘ موجود آهي. اهو قديم ايران جو مزدڪ يا زرتشتي مذهب مان آيل اصطلاح آهي، جنهن کي ٻيھر زندهه ڪيو ويو آهي.
ٻئي طرف حافظ شيرازي، مجازي عشق جو شاعر به آهي. سندس مجازي عشق وارو سڀ کان مشھور شعر اهو آهي، جنهن ۾ محبوب جي تر تان سمرقند ۽ بخارا قربان ڪرڻ جي ڳالهه آهي:
اگر آن ترکِ شيرازي بدست آرد دلِ مارا
بخال هندويش بخشم سمرقند و بخارا را
(جيڪڏهن منهنجو شيرازي ترڪ محبوب منهنجي حال تي مھرباني ڪري ته آءُ هن جي ڪاري تر تان سمرقند ۽ بخارا قربان ڪري ڇڏيان). ترجمو: محمد يعقوب ’نياز‘
اردو ترجمو: 
اگر منظور دل ميرا هو٬ اس ترک دل آرا کو
فدائے خال وخد کردوں سمرقند و بخارا کو
(ڊاڪٽر خالد حميد)
انگريزيءَ ۾ هيئن چيو اٿن:
O Turkish maid of Shiraz in thy hand
If thou'll take my heart,
For the mole of thy cheek
I will barter Bukhara and Samarkand
(Translation:Getrude Bell)
حافظ جا جديد نقاد لکن ٿا ته هن جي شاعريءَ ۾ ’عشق ۽ شراب‘ کانسواءِ وقت جي سياست، سماج، مذهبي منافقي پڻ خاص موضوع آهن. هن وٽ عشق ۽ شراب جي مٿي بيان ڪيل استعارن کانپوءِ، ٽيون اهم موضوع ’مذهبي منافقي‘ آهي- ۽ ان دور ۾ ايران جي سماج سان گڏ ان جي ٿياسافي يا مذهب جي فلسفي کي سمجهڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، جڏهن ته صوفي شاعرن جي ڪلام ۾ قرآن ۽ ٻين پاڪ ڪتابن جا حوالا ڏيڻ جو رواج هو ۽ سندن غنائيه يا سُريلي شاعريءَ ۾ گهڻي قدر عشق الاهيءَ مان پيدا ٿيندڙ ڪيف ۽ مستيءَ جو گهڻو ذڪر ڪيو ويندو هو ۽ ٻئي ڪلام ۾ محبوب، محبت، مئخانو ۽ شراب جا استعارا هوندا هئا.
حافظ جي شاعريءَ جي هڪ خوبي اها به آهي ته هو ان ۾ پنهنجي سياسي شعور جو پڻ مظاهرو ڪري ٿو، جنهن ۾ هو سماج ۽ مذهبي ادارن تي تنقيد لاءِ طنز (satire) کان به ڪم وٺي ٿو، جنهن جي ذريعي هو وقت جي حاڪمن، مذهبي ادارن کي تنبيھه ٿو ڪري، جن ۾ خانقاهون، محتسب، قاضي، زاهد، عابد ۽ ظاهر پرست ملان اچي وڃن ٿا. ان ڏس ۾ هڪ واقعو بيان ڪجي ٿو، جڏهن حافظ جي وفات ٿي ته ظاهر پرست ۽ ڪٽر ملان ضد ٻڌي بيھي رهيا ته کيس شيراز ۾ دفن ٿيڻ ڪونه ڏيندا. وڏو بحران پيدا ٿي پيو ۽ ڪيئي ماڻهو اچي گڏ ٿيا ۽ گوڙ ڪرڻ لڳا، نيٺ اهو طئي ڪيو ويو ته حافظ جي هر هڪ غزل کي ڌار ڌار شعرن ۾ ورهائي ڪنهن کان ان مان ڪڻو ڪڍرائجي، پوءِ جيڪي ڪجهه اُن شعر ۾ لکيل هوندو، ان مطابق عمل ڪيو ويندو. ائين حافظ جي 79 ئين غزل جو ستون نمبر شعر ڪُڻي ۾ نڪري آيو، جيڪو انهن ملن جي لاءِ ڄڻ ته منهن تي چماٽ مثل هو، اهو شعر هي هو:
قدم دريغ مدار از جنازهِ حافظ
که گرچه غرق گناه است مي رود به بهشت
معنيٰ: نه حافظ زندگيءَ ۾ ۽ نه سندس جنازي، ڪڏهن انڪار ڪيو،
  هو گناهن ۾ غرق هئڻ باوجود بھشت ڏانهن روانو ٿيندو.
انهيءَ واقعي کانپوءِ ئي اهو رواج پيو، جنهن ۾ ماڻهو ديوان حافظ، مان فالون ڪڍڻ لڳا.
هو هڪ اهڙو صوفي لا ڪوفي هو، جنهن وٽ مجازي محبوب سان ميلاپ کي حقيقي محبوب يا خدا کي سڃاڻي، ان سان هڪ ٿيڻ وارو خيال آهي. هو ظاهري علم کي ڪافي نٿو سمجهي. فارسي شاعريءَ جون اهڙيون روايتون به اسان کي سنڌي شاعريءَ ۾ ڀٽائيءَ وٽ ملن ٿيون. سر يمن ڪلياڻ ۾ مختلف بيتن جون سٽون آهن، مثال طور:
اکر پڙهي اڀاڳيا قاضي ٿيين ڪياءِ؟
هڪ ٻي سٽ ۾ چوي ٿو:
پڙهيو ٿا پڙهن، ڪڙهن ڪين قلوب ۾!
ساڳيا موضوع ٻين سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن وٽ به ملن ٿا. بنياد پرستن جي منافقي ۽ پنهنجي ظاهري علم تي بانور لاءِ قاضي قادن به چوي ٿو:
ڪنز قدوري قافيا، جي پڙهي پروڙين سڀ
ته ڪر منڊي ماڪوڙ کوهه ۾، پيئي ڪڇي اڀ
جهڙيءَ ريت حافظ جا جديد دور جا شارح، سندس شاعريءَ جي موضوع جي بيان ۾ صوفياڻين روايتن، مذهبي حوالن، ۽ حقيقي روحاني ڪيفيتن جي ذڪر سان گڏ سندس طرفان وقت جي حاڪمن، بنياد پرستن ۽ ٻين اهڙن طبقن جي حرڪتن، منافقتن ۽ مصلحتن تي طنز (satire) جو ذڪر ڪن ٿا، اها ڳالهه منهنجي لاءِ نئين به آهي ته ڇِرڪائيندڙ به آهي، ڇو ته ان سموري عمل دوران حافظ شيرازي جيڪو 14 صدي عيسويءَ جي ايران جي مروج روايتن موجب مذهبي صوفي وڌيڪ سمجهيو ويندو هو، سو هڪ پنهنجي دور جو وڏو مفڪر به ٿو لڳي. هيڏانهن وري اسان جي سنڌي صوفي شاعرن جي شرح ڪندڙن مان 20 صديءَ جا پڙهيل عالم به انهن کي فارسي ڪلاسيڪي شاعرن جي طرز تي مذهبي رنگ ۾ پيش ڪرڻ واري روايت تي هلڻ لڳا هئا، جنهن ۾ 20 صديءَ جي پڇاڙيءَ ۽ 21 صديءَ جي شروعات ۾ ڪجهه تبديلي محسوس ٿئي ٿي. انهن ڪلاسيڪي شاعرن مان قاضي قادن کان خواجه محمد زمان لنواريءَ واري تائين ته وري به صرف ۽ صرف مذهبي حوالو ٺھيو ٿي، پر شاهه لطيف ۽ سچل جي شاعريءَ ۾ موجود سياسي سماجي شعور ۽ مذهبي منافقت وارن پهلوئن تي چيل شاعريءَ کي قبول نه ڪرڻ يا اُن کي پڌرو نه ڪرڻ جي پٺيان ڪهڙا ڪارڻ هئا، اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي، پر هاڻي اُنهيءَ روايت ۾ تبديلي هڪ مثبت عمل آهي. جيئن هاڻي حافظ جا پڙهندڙ ۽ نقاد رڳو سندس شاعريءَ جي روحاني رازن بابت نه، پر سندس سياسي سماجي فڪر بابت لکن ٿا، تيئن شاهه لطيف بابت به لکجي رهيو آهي.
منهنجي بابا يعني محمد يعقوب ’نياز‘ به پنهنجي دور جي روايت موجب حافظ جي شعرن جي شرح ڪئي آهي، پر ڪٿي ڪٿي سمجهاڻين ۾ سنڌي شاعريءَ مان حوالا به ڏنا آهن.
هيءُ ڪتاب ٻيھر شايع ڪرائڻ جو مقصد اهو به آهي ته هڪ طرف سندس سمورو پورهيو پڌرو ٿئي ۽ گڏوگڏ اسان جي نئين نسل کي اهو پس منظر ملي سگهي، جنهن ۾ اسان جي صوفي شاعرن جي شاعراڻين روايتن جي حوالي سان، ذهني تربيت ٿيل هئي، يا مڪتبن، مدرسن ۽ خانقاهن جي ماحول ۾ پليا نپنا هئا. هنن شاعرن انهن روايتن کان بغاوت به ڪئي ته وري انهن جي غير شعوري پوئواري به ڪئي.... مون کي اميد آهي ته هي ڪتاب نه صرف ان ڪلاسيڪي ورثي کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندو، پر جديد دور جي تقاضائن مطابق شاعرن جي نئين طرز سان شرح جي ڏس ۾ به رهنمائي ڪندو.

ڊاڪٽر فهميده حسين

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
https://www.pinterest.com/roshnipublication
https://www.goodreads.com/book/show/39090727-deewan--e--hafiz-shirazi

Book No . 893
Kitab Jo Nalo : DEEWAN-E-HAFIZ SHIRAZI

(Sindhi Translation of 100 Selected Ghazals)

Translated by: Mohammad Yaqoob `Niaz’
Reviewed by: Dr. Fahmida Hussain
Editing by: Taj Joyo

First Edition © Roshni 2018
Pages : 320
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 450.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڪاٺياواڙ اسٽور، اڙدو بازار، ڪراچي
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد + ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري، نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو+ شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو+ جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو +سنڌيڪا بوڪ شاپ ، لاڙڪاڻو +نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو+ نويد سراج ڪتاب گهر،قمبر
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي، شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

No comments:

Post a Comment