Only for Admin

SHAHEED BAGHAT KANWAR RAM (Embodiment of Sindhi Culture)










































سنتن جو سرتاج: شهيد ڪنور رام

 اپريل 1885ع سنڌ جي راڳ، لوڪ رَس جي دنيا جو هڪ اهم ڏينهن هو، هن ڏينهن تي ڀڳتيءَ ۽ لوڪ رس راڳ جي راڻي ڀڳت ڪنور رام، ميرپور ماٿيلي جي ڳوٺ ’جروار‘ ۾ جنم ورتو هو. ڀڳت ڪنور رام جي والد جو نالو تارا چند ۽ سندس ماءُ جو نالو تيرٿ ٻائي هو، جنهن وقت ڪنور رام ڄائو، اُن وقت هڪ صوفي بزرگ سنت کوتارام، جروار ڳوٺ ۾ آيو. تارا چند، هيءُ ننڍڙو ٻار کڻي وڃي، سنت کوتارام جي جهوليءَ ۾ وڌو، جنهن ٻار جو نالو ’ڪنور رام‘ رکيو. شروع ۾ ڪنور رام سنڌي پڙهڻ ويٺو. اُن کان پوءِ فارسي پڻ سکيو. ڪنور رام جي پيءُ تارا چند کي زمين جو پنهنجو ٽڪرو هو. ڪنور رام ڪڏهن ڪڏهن ٻنيءَ تي جهاز هڪليندو ۽ نار هلائيندو هو. ڪُجهه وڏو ٿيو ته ڪُهر وڪڻڻ شروع ڪيائين. اُن دوران ڳوٺ حيات پتافيءَ جي درٻار ۾ ڀائي هاسارام کان گُر مُکي به سِکندو رهيو. درٻار ۾ آئي وئي جي ٽهل ٽڪور پڻ ڪندو هو. اُتان جو هڪ سنت سترامداسُ کيس سنتن ۽ ڀڳتن جون ڪهاڻيون ٻُڌائيندو هو. اتي ئي ڪنور رام، سنت سترامداسَ کان ڀڳت وجهڻ سکي ۽ سندس سنگَ ۾ خود به سنت ٿيو ۽ سنڌ جي ’سنتن جو سرتاج‘ بڻجي ويو.
سنت سترامداس سان ڀڳت ڪنور رام جي هڪ واقعي وسيلي واقفيت ٿي. هڪ دفعي سترام داسُ، صبح جو جروارن ۾ اسر مهل ڀڳت پئي ڪئي ته ڪُهرن وڪڻڻ واري جو هو ڪو ٻُڌائين. هوڪو اهڙي مٺڙي آواز ۾ هو، جو سنت سترام داس ڪُهرن وٺڻ لاءِ مجبور ٿي پيو. اِهو ڪهرن وڪڻڻ وارو ڇوڪرو ڪنور رام هو، جنهن سنت سترام داسَ کان پئسن وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ سنت سترام داس جو پيار، پنهنجائپ ۽ پاٻوهه ڏسي هميشه لاءِ سندس چاڪريءَ ۾ رهي پيو ۽ اُتي ئي رهي ڀڳتيءَ ۽ سنگيت جي تعليم سان رچي ريٽو ٿيو.
1903ع ۾ منگهرياڻين جي زميندار ڀائي اوٽو مل جي نياڻيءَ سان ڪنور رام جي شادي ٿي. هاڻي ڀڳت ڪنور رام باقاعدي ڀڳتون وجهڻ شروع ڪيون. اُن دوران کيس جيڪي ڪُجهه ملندو هو، اُهو غريبن ۽ محتاجن ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. هڪ ڀيري ڀڳت ڪنور رام شهداد ڪوٽ ۾ اڃا ڀڳت وڌي ته هڪ فقير دانهن ڪئي: ”خالي جهولي ڀري ڏي، ٻچا پيا بُک ۾ پاهه ٿين.“ ڀڳت پنهنجي جهوليءَ مان مُٺ ڀري اُن فقير کي ڏني. فقير ڏٺو ته اُهي سِڪا چانديءَ جا نه، پر ٽامي جا هُئا، سو ڪاوڙ مان سِڪا کڻي ڀڳت جي مُنهن ۾ هنيائين ۽ کيس گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳو. ڀڳت ڪنور کي چڱو خاصو ڌڪ لڳو. ڀڳت جا پريمي اُن فقير تي ڪاوڙجي پيا. پر ڀڳت هڪدم اُٿي پريمين کي روڪيو ۽ فقير کي چيائين، ”ابا ڏيڻ وارو به الله ۽ وٺڻ وارو به الله، باقي ماريُئي هروڀرو مون مسڪين کي.“ ائين چئي ٻي به مُٺ ڀري فقير کي ڏنائين. ڪنور ڀڳت وٽ هندو مسلم جو ڪوبه فرق نه هو. اڳتي هلي ڪنور رام پنهنجي ٽوليءَ سان گڏ ڀڳت ڪرڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ لڳو ته ڪيترائي غريب ۽ يتيم وٽس سوال کڻي ايندا هُئا، جيڪي ڀڳت ڪنور رام پورا ڪندو هو. هڪ ڀيري هڪڙي سواليءَ، ڀڳت کي نياڻيءَ جي شاديءَ ۾ مدد لاءِ سوال ڪيو. ڪنور رام اتي جهولي جهلي. سون چانديءَ جي ڳهن سان گڏ ان وقت جا 1100 رپيا جمع ڪري، سواليءَ کي ڏنا. اهڙيءَ طرح ڪنور رام ڪيترن ئي سوالين جي مدد ڪندو رهيو.
ڀڳت ڪنور رام ڀڳتيءَ جي گائڪي يا لوڪ راڳ ۾ جيڪا جاءِ والاري، تنهن ۾ پنهنجي دور جي ۽ خاص ڪري پوئين دور جي سڀني ڀڳتن کي پوئتي ڇڏي ويو. هن پنهنجي آواز جي جادوءَ ۽ انداز سان سنڌ ۾ ڀڳتي گائڪيءَ جو نئون بنياد وڌو. سنڌ ۾ داستان گوئيءَ جو رواج تمام قديم رهيو آهي، خاص ڪري حڪمرانن ۽ بادشاهن جي لڙاين دوران حصو وٺندڙ پهلوانن جي ويڙهه ۽ مرتئي تي جيڪي داستان بيان ڪيا ويندا هُئا، سي ڳائڻ جي صورت ۾  هوندا هُئا. اُها ’ڳاهن‘ جي شاعري، سنڌ جي واهڻن، وستين ۽ ڪچهرين ۾ چارڻ، سُرندن ۽ دنبورن تي وڃي ڳائيندا وڄائيندا هُئا، سنڌ ۾ ڀڳتي ڳائڻ جو انداز پڻ ٽولن جي صورت ۾ وجود ۾ آيو. ڀڳت ڪنور رام جو ٽولو هونئن به مشهور هو، پر ڀڳت صاحب سدائين اڪيلو ڳائيندو هو ۽ اهڙي ته منفرد انداز ۾ ڳائيندو هو، جو هن مهل تائين راڳ جي دنيا ۾ جيئن استاد محمد جمن جو نقل ڪرڻ تمام ڏُکيو آهي، بلڪل ائين ڀڳت ڪنور رام جي ڳايل صوفياڻي ڪلام جو نقل ڪرڻ به مشڪل آهي. سائين جي، ايم، سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”جڏهن ڀڳت ڪنور رام جو ڳايل هيءُ ڪلام ٻُڌندو آهيان:
’آءٌ ڪانگا ڪر ڳالهه مون سان تن ماروئڙن جي‘
ته اُن وقت کاڌو کائيندو هُجان يا پڙهندو هُجان، ٻئي ڪم ڇڏائي ويندا اٿم. سائين جي ايم سيد اڳتي اهو به لکي ٿو ته ”ڀڳت ڪنور رام نانڪ پنٿي سلسلي سان واسطو رکندو هو“.
جيتوڻيڪ راڳ جي دنيا جي سڀني ڳائڻن، هن مهل تائين ڪنهن نه ڪنهن طرح راڳُ کي پنهنجي معاش جو ذريعو بنايو آهي، پر ڀڳت ڪنور رام واحد راڳي هو، جنهن راڳ جي ڪمائي، غريبن ۽ نادارن جي مدد لاءِ ڪتب آندي، چون ٿا ته هڪ ڀيري ڀڳت ڪنور رام پير جي ڳوٺ واري مندر ۾ پئي ڳايو ۽ آخري راڻو پئي ڳايائين ته پوليس اچي ڪڙڪي، هڪ فرياديءَ، قرضن جي اوڳاڙڻ لاءِ هڪ ماڻهوءَ کي پوليس جي حوالي ڪيو ته ڪنور رام اُن کي ڇڏائڻ لاءِ ”جهولي“ ڪئي ۽ راڳ تڏهن بس ڪيائين، جڏهن فرياديءَ چيو ته، ’سائين! مُنهنجا پئسا پورا ٿي ويا.‘
ماستر چندر اعتراف ڪندو هو ته هن ”اڏر وڃ طوطل ماڙيءَ“ وارو ڪلام، ڪنور رام کان سکيو ۽ ڳايو، جنهن جي اکر اکر ۾ تانَ هڻڻ وارو انداز هو، ڪنور رام گهڻو ڪري آخر ۾ ”راڳ مارو“ ڳائيندو هو ۽ هر محفل جي پڇاڙي ”مارو“ راڳ ڳائي ڪندو هو. ڀڳت چندر چواڻي ته ’ڀائي ڪنور رام‘. ”مارو“ راڳ ڳائڻ جو سبب اِهو ٻُڌائيندو هو ته جيئن انسان کي ”موت“ جي يادگيري رهي.
نامياري اديب علي احمد  بروهيءَ، ڪنور رام بابت هڪ هنڌ لکيو آهي ته: ”ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ نه ٻُڌوسين ۽ نه ڏٺوسين، پر اسان هڪ اهڙو سخي ڏٺو، جيڪو ڏيئي نه پچاري، سو هو ڀڳت ڪنور رام.“
ڪنور رام زندگيءَ جو آخري راڳ، مانجهندن ۾ ڳايو. مانجهند شهر مان ڳائي ريل ۾ چڙهي دادوءَ ۾ لٿو ۽ اتان ٻيءَ گاڏيءَ ۾ سکر وڃڻ لاءِ رُڪ اسٽيشن تي پهتو ته گاڏي ڇٽڻ بعد کيس پير صاحب ڀرچونڊيءَ جي مريد ۽ ظالم شخص جانو جلباڻيءَ ۽ سندس ساٿي مراد سُهرياڻيءَ بندوق سان وار ڪري ڪنور رام کي زخمي ڪري وڌو، گاڏيءَ ۾ علاج نه ٿيڻ سبب باگڙجي اسٽيشن تائين رت وهڻ سبب ڪنور رام لاڏاڻو ڪيو. سکر، روهڙيءَ ۽ ٻين شهرن ۾ هندو توڙي مسلمان، هن افسوسناڪ حادثي تي غم کان ڏاڍو مشتعل ٿيا. اهو حادثو 1 نومبر 1939ع تي ٿيو ۽ سندس اگني سنسڪار 2 نومبر تي ڪيو ويو. سندس آخري آرامگاهه رهڙڪيءَ ۾ سنت سترامداس جي قدمن ۾ آهي.
سنڌ اندر ڪُجهه ناميارا ڳائڻا اهڙا به پيدا ٿيا، جن جو گهراڻو ڪڏهن به راڳداريءَ جي حوالي سان مشهور نه هو، تن ۾ استاد الهڏنو نوناري، استاد منور علي سکر وارو، موهن ڀڳت ۽ سنت ڪنور رام خاص ڪري شامل آهن، پر انهن ۾ ڪنور رام. ڀڳتيءَ جو جيڪو انداز اختيار ڪيو، سو سڌو سنئون صوفياڻي ثقافت جي عڪاسي هُئي. جامو ۽ ڇير، خاص ڪري ڪنور رام ئي متعارف ڪرائي. استاد محمد ابراهيم خان صاحب راڳي هو، پر سندس انداز به سڌو سنئون ڀڳتي راڳ وانگر هو، جيئن داستان گوئيءَ جو باني ”ڀڳت جاڙي“ کي چيو ٿو وڃي، تيئن ڀڳتي ۽ لوڪ رس گائڪيءَ جو باني ڪنور ڀڳت هو. ڪنور ڀڳت جي ٽولي، سنڌ ۾ مثالي هُئي. راڳ جي سڄي حياتي سکيا وٺندڙ استاد ۽ خان صاحب برابر راڳ جا مهندار ٿين ٿا، پر ڪنور وانگر شايد ”لولي لال نون ڏيوان، نِڪي جهڙي ٻال نون ڏيوان“ ۾ ڳائڻ دوران ٻارَ جي ”اوئان اوئان“ کي ”سرگم“ جو انداز ڏئي نه سگهيا، پر هي سڀ ڪُجهه ڪنور ڀڳت جي فطري ۽ تخليقي صلاحيتن جو مظهر هو.
ڪنور ڀڳت جي آواز جي جادوءَ سوين ماڻهن کي موهي وڌو، لڙيءَ رات ڳوٺن ۾ سندس آواز سبب ماڻهو ننڊون ڦٽائي، سندس راڳ ۾ شريڪ ٿيندا هُئا. ڪنور جي آواز جون ماترائون مٿانهين سُر تي اُڀرنديون هيون، اُتي سازن جا سُر بيهي ويندا هُئا. ڪنور رام راڳ ۽ سُر جي جيڪا هاڪ پنهنجي وقت ۾ پيدا ڪئي، سا اڄ تائين ڪنهن به ڳائني کي نصيب ڪانه ٿي آهي.
ڀڳت ڪنور رام جي شهادت تي سنڌي ٻوليءَ جي سدا حيات اديب ’تيرٿ وسنت‘ جو ڪتاب، ڪلاسيڪي حيثيت رکي ٿو. ان کان سواءِ ڪنور 
ڀڳت تي هن وقت تائين هيٺيان ڪتابڙا ۽ ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن:
ڀڳت ڪنور بابت ڇپيل ڪتابچا ۽ ڪتاب
ڀائي ڪنور رام جو وڇوڙو: ڪوي ڄيٺانند هيمنداس (ڪرائون سائيز صفحا 12) سکر، 1939ع.
ڀڳت ڪنور رام: (ڀاڱو پهريون، ڪرائون سائيز، صفحا 12) ڪوي ڄيٺانند هيمنداس، سکر، 1939ع
ڀڳت ڪنور رام: (ڀاڱو ٻيو، ڪرائون سائيز: صفحا 12) ڪوي ڄيٺانند هيمنداس، سکر، 1939ع
ڀڳت ڪنور رام: (ڀاڱو ٽيون، ڪرائون سائيز: صفحا 12) ڪوي ڄيٺانند هيمنداس، سکر، 1939ع
ڀڳت ڪنور رام: (ڀاڱو چوٿون، ڪرائون سائيز: صفحا 12) ڪوي ڄيٺانند هيمنداس، سکر، 1939ع
ائي ڪنور رام جا وار ۽ آرتي: (ڊيمي سائيز، صفحا 13)، ڪوي ڄيٺانند هيمنداس، سکر، 1939ع
ڀائي ڪنور رام، پرديسي پکيئڙو: (صفحا 12)، ڪوي ڄيٺانند هيمنداس، سکر، 1939ع
ڀائي ڪنور رام  جا وٽڻا ۽ ست راتيون: (ڪرائون سائيز، صفحا 12) ڪوي ڄيٺانند هيمنداس، سکر، 1939ع
ڀائي ڪنور رام جي ٻارهن ماسي: (ڪرائون سائيز، صفحا 12) ڪوي ڄيٺانند هيمنداس، سکر 1939ع
ڀائي ڪنور رام جي امر شهيدي: (14 صفحا): نارائڻداس ليلارام، شڪارپور، 1939ع
ڀڳت ڪنور رام جو ٻليدان: (ڪرائون سائيز 76 صفحا): ڄيٺومل آڏومل، ڪوهنور اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس، حيدرآباد، 1940ع
ڀڳت ڪنور رام جو جيون چريتر: (15 صفحا): ڀورومل چنديرام 1939ع.
ڀڳت ڪنور رام جا ڀڄن: پهلاج رام (ڪرائون سائيز، 16 صفحا)، ڀڳوانداس اينڊ ڪمپني، محاوير پريس، حيدرآباد، 1939ع.
سنڌ جو سرتاج ڪنور رام: ٻانهومل، ڀڄناولي، ٽنڊو آدم، 1939ع
انسانيت جو آواز: ڀڳت ڪنور رام: سنت روڙا رام، رهڙڪي، 1941ع، ٻيو ڇاپو: ترتيب پيتامبر ڏوڏيجا، ڪنڌڪوٽ، 1914ع
سنت ڪنور جو جيون چرتر: شامداس ڊولومل (ڪلارڪ صدر پوسٽ آفيس، ڪراچي، 1941ع
جيون ڪٿا: شهيد سنت ڪنور رام: تلسي، ’ر‘ تلريجا، 1943ع، ٻيو ڇاپو 1965ع
سنڌي ڀڳت شئلي: ڄيٺانند لالواڻي، 1948ع.
امر شهيد ڪنور رام صاحب جو جيون چريتر: ڄيٺانند لالواڻي.
ڀڳت ڪنور رام جا ڏوهيڙا: ڪوي ڄيٺانند هيمنداس
جنم ساکي سنت ڪنور رام صاحب جي: اُتمچند شاستري.
ڪنور: تيرٿ ويڙهومل وسنت، دهلي، 1957ع
(تيرٿ وسنت، 1941ع ۾ مضمون ”ڪنور“ لکيو هو، جيڪو سندس ڪتاب ”چڻنگون“ ۾ شامل آهي، اُن کي وڌائي، 1957ع ۾ ساڳئي نالي سان ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرايائين، جنهن کي ساهتيه اڪيڊمي، دهليءَ، انعام ڏنو.) 
ڀڳت ڪنور رام ۽ ڀڳت سڌامو صاحب: ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ ساڌورام ڀوڄواڻي (ٻيو ڇاپو) سندر شيوا منڊلي، 1968ع.
ڪنور ڪُسي ويو: مرتب: سگهن لال شرما، هري شيوا منڊلي، 1970ع
امر شهيد ڀڳت ڪنور رام: پرنسپال ڪنئيا لال تلريجا، ڇپائيندڙ: کيمچند موتيرام ڄيٺواڻي، کار، بمبئي، مارچ 1977ع
سنڌ جو ڪنول- ڀڳت ڪنور رام: سهيڙيندڙ: خليل موريائي، ماءِ پبليڪيشن، سکر، 2014ع 
دنيا سڀ درياهه: مرتب حفيظ ڏيرو: 2014ع
ڀڳت ڪنور رام جا قاتل ۽ سندس انجام
ڀڳت ڪنور رام کي، اُتر سنڌ جي ٻن جنوني شخصن، ڀرچونڊي 
درگاهه جي پيرن جي هدايت تي شهيد ڪيو  هو، سندن نالا، جانو جلباڻي ۽ مُراد سهرياڻي هئا. هنن سنڌ جي معصوم روح ڀڳت ڪنور کي شهيد ڪري، سنڌ جي سنڌي هندن ۽ مسلمانن ۾ فساد ڀڙڪائڻ واري سازش جي آڳ ۾ ٻارڻ وڌو هو، پر سنڌ جي سيڪيولر ۽ روادار ماڻهن، اُن باهه کي ڀڙڪائڻ نه ڏنو. اُنهن ٻنهي قاتلن جو ڪهڙو حشر ٿيو، اُن ڏس ۾، سنڌ جي نوجوان اديب، حفيظ ڏيري، شهيد ڪنور رام بابت پنهنجي ترتيب ڏنل ڪتاب ’دنيا سڀ درياهه‘ ۾ هن ريت ڄاڻايو آهي:
1. جانو جلباڻي: چون ٿا ته ڪنور جي شهادت کان پوءِ جانو گم ٿي ويو ۽ روپوش رهيو. ان کان پوءِ جڏهن منظر عام تي آيو ته ماڻهن جون همدرديون ڪنورَ سان هيون ۽ هن سان ماڻهو لاتعلق ٿي ويا ۽ جانو چريو ٿي ويو. سوز ٻر وچ لکي ٿو ته ”جانو سنگهرن ۾ جڪڙيل هوندو هو ۽ ڪُتي وانگر ڀونڪندو هو ۽ رڙيون ڪري ڪري مري ويو.“
2. مُراد سهرياڻي: هي همراهه ڪنڌ ڪوٽ پاسي جو هو. جانو ۽ هي ٻئي هڪ ئي پيرَ جا مريد هُيا، جن گڏجي ڄٽڪو ڪم ڪيو ۽ اهڙو ظلم هنن جي حصي ۾ آيو. مراد ڪنهن ڪم سانگي ڳوٺ کان شهر پئي ويو ته گاڏيءَ ۾ سوار ٿيندي پير ٿِڙڪي ويس ۽ ريل گاڏي هن کي گهليندي وئي. ۽ ذرا ذرا ٿي ويو، ايذاءَ سهندو، موت کي ڏسندو، ٽڪرا ٽڪرا ٿيندو ويو ۽.... بس کيل ختم ٿي ويو!“
روشني پبيليڪشن ڪنڊياري جي سربراهه، علي نواز گهانگهري، 
”سنڌي سرويچ“ سلسلي جي ڪڙيءَ طور مون کي شهيد ڪنور بابت هڪ جامع ڪتاب تربيت ڏيڻ لاءِ ڏنو ۽ مون مٿي ڄاڻايل ڪتابن مان خاص ڪري پرنسپال ڪنهيا لال تلريجا، خليل مورياڻي، حفيظ ڏيري، تيرٿ وسنت (چُڻنگون) سائين جي ايم سيد (’جنب گذاريم جن سين‘) منگها رام شرما (’ڪنور ڪسي ويو‘) ۽ ٻين ڪتابن مان مدد وٺي، ڀڳت ڪنور رام شهيد بابت سمورا اهم مضمون، نئين ترتيب سان شامل ڪري ’شهيد ڀڳت ڪنور رام: سنڌي سڀيتا جو مجسم روپ“ ڪتاب تيار ڪيو آهي، جيڪو اميد ته ڀڳت ڪنور رام تي تحقيق ڪندڙن لاءِ لاڀائتو ٿيندو.

تاج جويو

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
https://www.pinterest.com/roshnipublication
https://www.goodreads.com/book/show/38723455-shaheed-baghat-kanwar-ram

Book No . 901
Kitab Jo Nalo : SHAHEED BAGHAT KANWAR RAM (Embodiment of Sindhi Culture)

Compiled & Research by: Taj Joyo

First Edition © Roshni 2018
Pages : 344
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 400.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڪاٺياواڙ اسٽور، اڙدو بازار، ڪراچي
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد + ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري، نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو+ شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو+ جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو +سنڌيڪا بوڪ شاپ ، لاڙڪاڻو +نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو+ نويد سراج ڪتاب گهر،قمبر
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي، شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Post a Comment

0 Comments