Only for Admin

Mohenjo Daro (Novel)





































مان ۽ منهنجو ناول

اسان تي الزام، آندا جڳ جيَڻ جا. (اياز)
مون تي وڏا الزام آهن. انهن مان هڪ هي به آهي ته آئون پروفيشنل آهيان. آئون جيڪڏهن پروفيشنل هجان ها ته منهنجو هيءُ ناول ”موهن جو دڙو“ اڄ کان پنجويهه سال اڳ مارڪيٽ ۾ اچي وڃي ها ۽ ٿي سگهي ٿو ته پبلشر به آئون پاڻ هجان ها. مونکي ياد آهي ته اهو ناول مون يارهن ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ لکڻ شروع ڪيو هو. ان وقت قد بُت ۾ به آئون پنهنجي پٽ غلام شاهه جيڏو ئي هئس. غلام شاهه کي خبر آهي ته پريس ڇا ٿيندي آهي. سنڌالاجي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جون آفيسون ڪٿي آهن. ۽ هڪ اسڪرپٽ ڪيترن مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ ڪتابي شڪل ۾ ايندو آهي، پر ان وقت مونکي ڪا خبر ڪانه هئي ته سنڌي ادبي بورڊ جو دفتر ڪٿي آهي، رسالا ڪٿان ۽ ڪيئن نڪرندا آهن، ۽ ايڊيٽر ڪهڙيءَ بلا جو نالو آهي. آئون پنهنجي مُنهن پيو لکندو هئس.
ان وقت ڇپائيءَ جو تصور ئي مون وٽ ڪِين هو. بس ذهن جي ڪينواس تي ڪي شڪليون، ڪي ڪردار، ڪي اسٿان اُڀرندا هئا. آئون انهن کي ڪاڳرن تي پيو اتاريندو ويندو هئس. اهو سڄو ڪم آئون پنهنجي اسڪول جي ڪم کان وڌيڪ اهم سمجهي ڪري، خاص حيدرآباد وڃي، ٻارهين، پندرهين روپين واريون اوچن پنن واريون ٿلهيون خوبصورت ڪاپيون ۽ شيفراس ۽ پارڪر پينون وٺي پيو ڪاڳر ڪارا ڪندو هئس. اُهي ڪاپيون جلدي ڀرجي وينديون هيون ته آئون وري ٻيون ڪاپيون وٺي ايندو هئس. لکندي منهنجي سيٽسفيڪشن نه ٿيندي هئي، ته آئون اهي لکيل ڪاپيون ڦاڙي يا ساڙي ڇڏيندو هئس، ۽ اهو سلسلو چار پنج سال هلندو رهيو.
انهن ڏينهن ۾ آئون ايس. ايم هاءِ اسڪول ڪوٽڙيءَ ۾ پڙهڻ لڳو هئس، جيڪو پاڻ هڪ وڏو شاندار اسڪول هو. (اڄ به آهي) انهن ڏينهن ۾ ڪوٽڙيءَ جي ميونسپل لئبريري ڏسڻ وٽان هوندي هئي. مونکي ’موهن جي دڙي‘ تي جيڪو به مواد ملندو هو، آئون ان کي ڏاڍي غور ۽ فڪر سان پڙهندو هئس. ان لئبريريءَ جو انچارج منهنجو مامو عبدالله ڊي. بلوچ هو، جيڪو ساڳئي وقت ايس. ايم هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر به هو. ان ڪري لئبريريءَ جي ڪٻٽن جون چاٻيون به مونکي ملي وينديون هيون ۽ مون کان ڪتاب کڻي وڃڻ جي ڪابه پڇا ڳاڇا نه ٿيندي هئي. تنهنڪري آئون پنهنجي مقصد جا ڪتاب گهر کڻي ويندو هئس. پڙهڻ کانپوءِ وري ڪتاب موٽائي کڻي لئبريريءَ ۾ اچي رکندو هوس. وري نوان ڪتاب کڻي ويندو هئس. ان طرح لئبريريءَ ۾ اچڻ وڃڻ ۽ ڪتابن جون الماريون اٿلائيندي ڪيترا سنڌي ۽ انگريزي ڪتاب مونکي ڏسڻ ۾ آيا، جن ۾ ”دي لاسٽ ڊيز آف پامپي“، ”ڌرتي ماتا“،  ”سڌارٿا“ ، ”اولڊ مين ائنڊ دَ سي“، ”وار ائنڊ پيس“، ”آئوٽ سائيڊر“،  ”هيون نون مسٽر علي سن“، ”گڊ ارٿ“- مطلب ته الاهي ڪتاب، جن منهنجو ذهن پاڻ ڏانهن ڇڪيو. 
ان وقت ۾ اردو ڪتاب سنڌ جي لئبريرين ۾ ڪو نه هوندا هئا، ۽ انهن ڏينهن ۾ رڳو سنڌي ۽ انگريزي ادب پڙهيو ويندو هو. ان ڪري مون کي اردو ادب جي ڪا خبر ڪانه هئي، ته اردوءَ ۾ به ڪو ادب لکيو ويندو آهي. پڙهڻ وقت آئون اهو ڪو نه ڏسندو هئس ته ڪتاب جو ليکڪ ڪير آهي، ۽ نه ئي وري مهاڳ. بس هٻڇ ڪري، پهرئين باب کان شروع ڪندو هئوسانس. ان سڄي دور ۾ مونکي سنڌيءَ جي ڪنهن به اديب، پبلشر، ايڊيٽر يا ڇاپي خاني جي ڪا به خبر ڪانه هئي. بس مون وٽ سنڌي اديبن جو تصور ڪجهه ڊاڪٽر گربخشاڻي، حيدر بخش جتوئي، علامه دائود پوٽو، يا پراڻن ۾ مرزا قليچ بيگ جهڙو هو. پرگهڻو ڪري آئون ائين سمجهندو هئس ته جديد دور جا اديب ڊاڪٽر گربخشاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ حيدر بخش جتوئي جي قسم جا ماڻهو هوندا. آئون سمجهندو هئس ته اهي سڀ عينڪون پائيندڙ، سوٽيڊ بوٽيڊ ڪراڙا ماڻهو هوندا آهن. بس اهڙو ئي اميج هيو ڪجهه مون وٽ سنڌي اديبن لاءِ. ان وقت منهنجي مقصد جا مون وٽ رڳو ٽي ساٿي هئا، جن سان پيو اندر جو اورڻ اوريندو هئس. هڪ منهنجو اپاهج چاچو ڇٽو خان، جنهن مون کي پٽ ڪري پاليو هو. ٻارهن سالن تائين آئون پنهنجي چاچي کي سڳو پيءُ سمجهندو هوس، جيڪو سنڌي ۽ گورمکي پڙهيل هو، تنهن منهنجي لکڻين کي ڏاڍو ساراهيو. جنهن مونکي همٿايو هو ته تون دنيا جو سڀ کان وڏو ڪم ڪري رهيو آهين. ٻيو عبدالڪريم بلوچ، ۽ ٽيون ساٿي ماءُ هئي. ڏاڏيءَ وٽ پلجڻ ڪري منهنجي سنڌي ٻولي صفا خراب هئي. ان ڪري ماءُ مون کي شاهه تمام سهڻي نموني، سٺي ۽ سهڻي تلفظ سان پڙهايو. ۽ قرآن شريف جي بهترين چيپٽرز جي معنيٰ سنڌيءَ ۾ ٻڌائيندي رهي.
مون پنهنجي چاچي جي حياتيءَ ۾ ان ناول کي ٻه ڀيرا مڪمل ڪيو، پر منهنجي تسلي ٿي نه سگهي، مون اُهي ڦاڙي ڇڏيا. ان وچ ۾ مون ٽي چار ڪهاڻيون (Short stories) لکي ورتيون. ”پڃري جا پکي“، ”ڌٻڻ“ (جيڪا مونکي نه وڻندي آهي)، ”نه ته ساڻ هلن سِير ۾“. جن ۾ رکي رکي آئون ڦير ڦار ڪندو رهندو هئس. اسڪول ۾ منهنجا ماستر مون تي ڪاوڙجي پوندا هئا. ان ڪري ته مون کي ”ڊريگن بُڪ آف ورس“، ”ٽيلز فرام شئڪسپيئر“، ”شاهه“، تاريخ، جيوگرافيءَ کانسواءِ پنهنجي ٻين اسڪول جي ڪتابن جي خبر ڪانه پوندي هئي. اهو سمورو وقت آئون پنهنجي ناول تي سوچيندو رهيس. تڏهن آئون اهو سمجهندو هئس ته سنڌي ڪتاب ڪراچي يا بامبي مان نڪرندا آهن.
پوءِ منهنجو چاچو گذاري ويو. ان وقت منهنجو سڀ کان وڏو خرچ ڪاپين ۽ انڊپينن تي هوندو هئو. پوءِ آئون سادن ڪاغذن تي لکڻ لڳس. هڪ ڀيرو عبدالڪريم بلوچ جو هڪ دوست سيد خادم حسين شاه (جيڪو پوءِ منهنجو به دوست ٿي ويو) تنهن منهنجي هڪ ڪهاڻي ”پڃري جا پکي“ عبدالڪريم بلوچ کان وٺي شمشير الحيدريءَ کي ڏني، جيڪا مهراڻ ۾ ڇپجي وئي. مهراڻ ۾ ٻي ڪهاڻي ڇپائڻ لاءِ آئون پاڻ حيدرآباد ويس. انهن ڏينهن ۾ مهراڻ جي آفيس تلڪ چاڙهيءَ تي هئي. اندر گهڙي مونکي چڪر اچي ويو. اندر مولانا غلام محمد گرامي، ڏيپلائي، عبدالله خواب صاحب جن شيروانيون پايو ويٺا هئا. سندن وڏيون وڏيون عينڪون ۽ شيروانيون ڏسي، آئون دل نه جهلي سگهيس ته هيءَ ڪهڙي مخلوق ويٺي آهي. سو آئون ڏاڍو پريشان ٿي موٽي آيس.
ٽن چئن مهينن کانپوءِ شمشير الحيدريءَ سان ملڻ کانپوءِ سندس سهڻو اخلاق ۽ آڌر ڀاءُ ڏسي، آئون ساڻس هِري مِري ويس، ۽ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مون حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي پريس جون مشينون ڏٺيون. شمشير منهنجي ناول جا ٻه ٽي باب پڙهي، ڏاڍو ساراهيو ته تو جهڙيءَ ريت ناول شروع ڪيو آهي، ان ريت جي تون ان ناول کي نباهي وئين ته هي ناول هن صديءَ جي بهترين ڪلاسڪس ۾ شامل ڪيو ويندو. ان طرح مون سنڌي ادبي دنيا ۾ پير کوڙيا. انهن ڏينهن ۾ طارق اشرف ”هڪڙو قدم“، ”ٻيو قدم“ کڻندي ”سهڻي“ تائين پهچي ويو هو. مون کيس سهڻيءَ جي ٽئين پرچي لاءِ هڪ ڪهاڻي ”زندگي“ ڏني. طارق ان ڪهاڻيءَ جو نالو مٽائي ”مجسمو“ ڪري ڇڏيو ۽ پروف جي فقط هڪ چڪ جي ڪري ڪهاڻي جو سڄو وجود ڊهي ڪري پيو. ان ريت ”سهڻيءَ“ ۾ لکڻ کان منهنجي دل کڄي وئي. ان وقت حميد سنڌي ”روح رهاڻ“ ڪڍندو هو. پوءِ آئون روح رهاڻ ۾ لڳاتار ڪهاڻيون لکڻ لڳس. جي ”روح رهاڻ“ ۾ ڏاڍي سهڻي نموني شايع ٿيڻ لڳيون. حميد، شيخ اياز، امداد ۽ تنوير جيان مونکي به تمام گهڻو اِسپيس ڏيڻ لڳو. ان ريت منهنجو اهو ناول ”موهن جو دڙو“ روح رهاڻ ۾ شايع ٿيڻ لڳو. اڃا ناول جا ست اٺ باب مس ڇپيا هئا ته، ”روح رهاڻ“ رسالي تي بندش وڌي وئي. ان دور ۾ شوڪت حسين شورو، عبدالحق عالماڻي، عبدالقادر جوڻيجو، ڊاڪٽر ارباب علي کهاوڙ، امداد حسيني، رسول بخش پليجو منهنجا دائمي ادبي دوست بڻجي ويا. انهن ئي ڏينهن ۾ شمشير کي ”نئين زندگي“ جو ايڊيٽر چونڊيو ويو. ۽ منهنجو اهو ناول ”نئين زندگي“ ۾ قسطوار ڇپجڻ لڳو. پوءِ شمشير ۽ منهنجي پٺيان پنهنجي ئي سنڌي عالمن ۽ مولوين باهه ٻاري ڇڏي، ته رسالو عليءَ ۽ شمشير جي جاگير آهي ڇا؟ هي ماڻهو سرڪاري رسالي ۾ وڏو گند ڦهلائي رهيا آهن. منهنجي دل ڀڄي پئي، ان ڪري مون ”نئين زندگي“ ۾ لکڻ بند ڪري ڇڏيو.
ان وچ ۾ آئون ريڊيو پاڪستان تي ڊراما ۽ گيتن ڀريون ڪهاڻيون لکڻ لڳو هئس. وري پاڪستان ٽيليويزن جي جنم وٺڻ ڪري ۽ ٽيليويزن تي ٽيڪنيڪل ڊراما نويس نه هئڻ ڪري، مون کي زوريءَ ٽيليويزن جي ڌٻڻ ۾ اڇلايو ويو. مون عبدالڪريم بلوچ ۽ شمشير کي الاهي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته منهنجو ناول اڌورو پيو آهي، پر هنن منهنجون سڀ ڳالهيون رد ڪري ڇڏيون. ۽ وري مون کي اهڙو ڪو پبلشر به نه پئي نظر آيو، جيڪو فضيلت سان منهنجو ناول ڇاپي. پوءِ هڪ ڏهاڙي سفر ڪندي ڪو شاهينگ منهنجي پيتي کڻي ويو. ان طرح آئون ان ناول جو وڏو حصو وڃائي ويٺس. ۽ ڏاڍي اُٻهرائيءَ سان سوچيم ته ٺيڪ آهي، سنڌي ماڻهو اڃا ان قابل نه ٿيا آهن جو سندن هٿ ۾ ڪو فضيلت وارو ڪتاب ڏنو وڃي.
۽ سورنهن سالن کان پوءِ، نئين زندگيءَ ۾ قسط وار ڇپيل ان ناول ۾ ڪيتريءَ ڦيرڦار ڪرڻ کانپوءِ، ”نيو فيلڊس“ پاران ان ناول جو پهريون حصو پيش ڪيو ويو. جڏهن ته منهنجي ان ناول جو ٻيو ڇاپو وڌيڪ 23 سالن بعد روشني پبليڪيشن ڇپائي پڌرو ڪري رهي آهي. ان وچ ۾ هڪ ڇاپو منهنجي اجازت کانسواءِ هڪ پبلشر ڇپرائي ڇڏيو، جيڪو غلطين جو ڍير هيو. هاڻ آئون ڪوشش ڪندس ته، ڪجهه مهينن اندر ناول مڪمل ڪري، پڙهندڙن جي هٿن تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃان.
ٻي ڳالهه ته مون ان ناول کي جنهن رنگ ڍنگ سان لکڻ پئي چاهيو، حالتون سازگار نه هئڻ ڪري شايد آئون ان سان انصاف نه ڪري سگهيو آهيان. پر جيئن ته آئون اهو ناول ڪچيءَ کان پنهنجي لاءِ لکي رهيو هئس، فقط پنهنجي سيٽسفيڪشن لاءِ. هاڻ اهو نقادن ۽ پڙهندڙن کي وڻندو يا نه، انهيءَ ڳالهه لاءِ آئون ذرو به پريشان نه آهيان.

علي بابا
13-2-1985

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446
https://www.pinterest.com/roshnipublication
https://www.goodreads.com/book/show/38329533-mohenjo-daro

Book No . 854
Kitab Jo Nalo : Mohenjo Daro (Novel)

By : Ali Baba

First Edition © Roshni 1969
5th Edition © Roshni 2018

Pages : 152
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 180.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڪاٺياواڙ اسٽور، اڙدو بازار، ڪراچي
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد + ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري، نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو+ شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو+ جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو +سنڌيڪا بوڪ شاپ ، لاڙڪاڻو +نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو+ نويد سراج ڪتاب گهر،قمبر
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي، شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Post a Comment

0 Comments