Only for Admin

RABEL’A RUT MAYA NAGAR (Study of Shiakh Ayaz)






























































 انجمن اڃان باقي آهي!

آءٌ پاڻ کي بيحد خوش نصيب سمجهان ٿو، جو آءٌ سائين جي. ايم. سيد، محمد ابراهيم جويي، پير حسام الدين راشدي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ شيخ اياز جي دور ۾ پيدا ٿيو آهيان، ۽ مون نه رڳو ويهين صديءَ، پر سنڌ جي ايندڙ ڪيترين صدين جي هنن عظيم شخصيتن کي اکين سان ڏٺو، بلڪ مون کي سمورن جي- ڪن جي ٿوري، ڪن جي وڌيڪ قربت ۽ صحبت به نصيب رهي آهي. 
31 ڊسمبر 1987ع تي، ’سنڌ سنگت ڪائونسل اجلاس‘ جي موقعي تي، آءٌ ۽ اياز گل، شيخ اياز کي هڪ عرصي جي ادبي خاموشيءَ کانپوءِ، پريس ڪلب حيدرآباد ۾، ادبي ڪانفرنس ’سنڌ جي قومي بقا ۾ اديب جو ڪردار‘ جي صدارت لاءِ راضي ڪري وٺي آيا هئاسون. ان موقعي تي شيخ اياز پنهنجيءَ تقرير جي ابتدا هنن لفظن سان ڪئي هئي:
”مان اوهان جو ٿورائتو آهيان، جو اوهان مون کي هن سال به صدارت لاءِ ڪوٺ ڏني آهي. بهتر ٿيندو ته اُن موقعي جو فائدو وٺي اوهان سان پنهنجي موجوده خيالات جو اظهار ڪريان. پنجاهه سال ٿيا آهن ته منهنجي خيالات جو تاڃي پيٽو ساڳيو رهيو آهي. اوهان ان مان اتساهه ورتو آهي ۽ منهنجو آدرش اوهان کي بي چين ڪندو رهيو آهي. زندگيءَ جي هن پوئين پهر ۾، مان اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته منهنجو پنهنجي آدرش ۾ اڃا به اوترو ئي اعتبار آهي ۽ هاڻي سنڌ جو اُهو روشن مستقبل دور نه آهي، جنهن کي منهنجي شاعريءَ ڏٺو آهي، ۽ جنهن لاءِ مون ايترو سٺو آهي، جو ٻيو شاعر هجي ها ته فردوسيءَ وانگر رڙ ڪري ها:
مرا اي کاش مرکي مادر زادي
(اي ڪاش! مونکي ماءَ نه ڄڻي ها)
۽ ان ئي ڏينهن، شيخ اياز، پنهنجي ڪتاب ’ڪپرٿو ڪُن ڪري‘ جو ٻيو ڇاپو، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد جو ڇپيل، مون کي مهرباني ڪري، هنن لفظن سان لکي ڏنو هو:
”ڏاڍيءَ سڪ ۽ اُڪير مان تاج جويي لاءِ- شيخ اياز“
ٻئي ڏينهن صُبح جو (01. 01. 1998ع تي) سائين محمد ابراهيم جويي جي گهر ۾ ترسيل شيخ اياز سان، جڏهن آءٌ ۽ اياز گُل مليا هئاسون، ته جويي صاحب جي موجودگيءَ ۾ اياز صاحب مون کي مخاطب ٿي چيو هو ته: ”تاج تون منهنجي هن ڪتاب تي جائزو لک!“ مون سنڌ جي هن قدرآور شاعر کي، نمرتائيءَ مان چيو هو: ”سائين! آءٌ اڃا ان قابل نه آهيان، جو اوهان جهڙي وڏي شاعر تي ڪجهه لکي سگهان. اوهان تي ته... سٺو لکي سگهي ٿو. “ مون جڏهن سنڌ جي مڃيل شاعر جو نالو شيخ اياز جي اڳيان کنيو ته هن هڪدم فرمايو: ”انهيءَ شاعر جا ’ڪورا نڪور لفظ‘ مون کي نٿا وڻن، تون ئي مون سان انصاف ڪري سگهين ٿو، تون منهنجي ڪتاب ’ڪپر ٿو ڪُن ڪري‘ جو جائزو لک.“ مون سنڌ جي هن ديوقامت شاعر جي اُن حڪم کي اُن وقت پنهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز سمجهيو هو- پر 1988ع 
جو سال گذري ويو، تان جو ’هيءَ ڀونءِ نه آئي ڀانءِ، الا مان اڏري ويندو سانءِ‘ جهڙي وائي ۽ ’الوداعي گيت‘ لکي، شيخ اياز 1997ع ۾ اسان وٽان اڏري ويو، اسان کان وڇڙي ويو، پر آءٌ چند تاثراتي ۽ روايتي مضمون لکڻ سواءِ، شيخ اياز سان ڪو انصاف ڪري نه سگهيس، ۽ اياز جو قرضي ئي رهيس. ان وچ ۾ منهنجي دوست، مدد علي سنڌيءَ، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم کان الائي ڪيئن، شيخ اياز جي سموري نثري ۽ شعري پورهئي کي ڇپائڻ جي اسڪيم منظور ڪرائي، سنڌي ادبي بورڊ جي حوالي ڪئي. منهنجي پياري دوست ۽ ان وقت جي سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري اعجاز منگيءَ، مون کي اياز جي تخليقن جي سهيڙ جي آڇ ڪندي، پي. سي. ون تيار ڪرڻ لاءِ چيو. مون پي. سي. ون تيار ڪري ورتي. 8 نومبر 2008ع تي مون کي سنڌي ٻوليءَ اٿارٽيءَ جو ٻيهر سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ۽ مون 09 تاريخ اداري ۾ چارج ورتي. ان وقت ثقافت کاتي جو سيڪريٽري عبدالقادر منگي صاحب هو، جنهن ڪوشش ڪري سنڌي ادبي بورڊ 
کي مليل اسڪيم، اياز جي مزار جي ايڪسٽيشن سميت، ثقافت کاتي کي منتقل ڪرائي ورتي، ۽ اٿارٽيءَ ۾ شيخ اياز جي تخليق ڇپائڻ لاءِ محمد ابراهيم جويي جي صدارت ۾ هڪ اهم گڏجاڻي ڪوٺائي، جتي مون مٿي ڄاڻايل پي. سي. ون جو ساڻس ذڪر ڪيو- ۽ هن اها مون کان گُهرائي ورتي. اُن بعد هن صاحب شيخ اياز جي تخليقن کي ڇپائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي، اُن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرايو، جنهن جو ڪنوينر محمد ابراهيم جويو ۽ سيڪريٽري مون کي مقرر ڪيو ويو، منهنجي خوش نصيبي آهي ته منگي صاحب جي دور ۾ مون واري تيار ڪيل پي. سي. ون مختصر ترميمن، سان سنڌ حڪومت منظور ڪئي ۽ شيخ اياز جي تخليقن جي 22 جلدن ۾ اشاعت جو ڪم منهنجي حوالي ڪيو ويو. مختلف دوستن جي مدد ۽ منگي صاحب جي رٽائرمينٽ کان پوءِ آيل نئين سيڪريٽري شمس جعفراڻي ۽ ثقافت کاتي جي علم ۽ ادب دوست وزير محترمه سسئي پليجو صاحبه جي رهنمائي ۽ سهڪار سان، اُن اسڪيم جا 21 جلد ڇپجي چڪا آهن- ۽ اڄ 30 سالن کانپوءِ، آءٌ شخ اياز آڏو شرمندو نه، پر سُرخرو آهيان ته دير سان ئي سهي، مون سندس فرض جو ڪجهه حصو چُڪتو ڪري ورتو. 
شيخ اياز، صدين جو شاعر آهي. شاعري هن جي ’محبوبا‘ هئي، جنهن سان هن توڙ تائين نڀايو. وچ ۾ جيڪڏهن ڪا وِٿي پيئي ٿي ته اُها سندس لفظن ۾، ’اُن جو جوابدار ماحول جو جبر هو، جو ڪڏهن هن جي آڏو اڏول پهاڙ جيئن اچي ٿي ويو، ۽ ڪڏهن سارو شفق جو منظر سندس اکين کان ڇِڪي دُور ڪري ٿي ڇڏيائين. ‘ پر اياز زندگيءَ جي آخري لمحي تائين شاعر رهيو، شاعريءَ سان سچو رهيو، ۽ سندس چوڻ هو ته ’جي ٻيون زندگيون آهن، ته هو وري وري شاعر طور وجود وٺندو، جي دُور به ويندو ته هڪ پنڇيءَ وانگر، اُفق کان دُور!‘ 
(’ننڍوليون‘،  13- آگسٽ 1992ع، مهاڳ. )
هن کي فارسيءَ جي شاعر عُرفيءَ وارو احساس هو ته:
گُمان مداد که تو چُون بگذري جهان به گذشت، 
هزار شمع بکشتند و انجمن باقي ست!
]اِهو گمانُ به نه آڻ ته جڏهن تُون اُجهامي ويندين، تڏهن سارو جڳ به اُجهامي ويندو، هزارين شمعون اُجهامي ويون آهن، پر انجمن اڃا باقي آهي. [
- اياز هميشھ منهنجي اُتساهَه جو ذريعو رهيو آهي، مُنهنجي شاعريءَ تي اياز جي ڇاپ رهي آهي. اياز تي وائيس چانسلرشپ واري دور ۾، توڙي سندس وفات کان تُرت پوءِ، سندس همعصرن تنقيدون جا تيرَ وسايا هئا. هي تنقيدون، اياز تي ماضيءَ جي رجعت پسند ۽ نام نهاد مذهبي ٺيڪيدارن کان پوءِ، سندس ئي لَڏي جي روشن خيال ۽ ترقي پسند دوستن جون تنقيدون هيون؛ جيڪي اياز جي شهرت ۽ قد قامت کان خائف ٿي چڪا هئا، ۽ هنن چاهيو ٿي ته اياز اِئين سوچي ها، جيئن هنن سوچيو ٿي. پر کين شايد ڄاڻ نه هئي ته اياز زندگيءَ ۾ ئي ڪنهن جي ڊڪٽيشن نه ورتي، ته موت کان پوءِ هن جي فن ۽ فڪر اڳيان، انهن تنقيدن جي ڪهڙي وقعت ٿي سگهي ٿي.
مون ٽي چار مضمون اياز جي نقادن کي جواب طور لکيا، ۽ هڪ مضمون، اياز جي فني تجربن بابت لکي، هڪ ننڍڙو ڪتاب ’مان ورڻو هان، مان ورڻو ها‘، 2000ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. اهڙيءَ طرح مون مختلف وقتن تي سَڏايل ’اياز شناسيءَ جي ڪانفرنسن‘ ۾ ڪجهه مقالا پڙهيا هئا ۽ ليڪچر ڏنا هئا. ان کان سواءِ، مون 2008ع کان 2010ع تائين، ثقافت کاتي سنڌ پاران اياز جي ’تخليقن جي اشاعت‘ جي رٿا هيٺ ڇپيل 21 جُلدن مان 14 جُلدن تي تعارفي اڀياس لکيا هئا؛ ۽ نتيجي طور مون وٽ ’اياز شناسيءَ‘ بابت پنهنجو ڪافي طبعزاد مواد گڏ ٿي ويو هو، ۽ هڪ مضمون، اردو زبان جي نامياري شاعر محسن ڀوپاليءَ جو، اياز جي ساروڻين بابت ترجمو ڪري ٽماهي رسالي ’مهراڻ‘ جي اياز نمبر ۾ ڇپرايو هئم. هي سمورو مواد گڏ ڪيم ته ڪتابَ جيترو ٿي ويو ۽ روشني پبليڪيشن جي سرواڻ، علي نواز گهانگهري سان ڳالهايم، جنهن ڇپائيءَ جي حامي ڀري، اُن لاءِ آءٌ سندس ٿورائتو آهيان. 
شيخ ايازَ، پنهنجي زندگيءَ ۾، سندس شاعريءَ تي ساڙ کائيندڙ حاسد نقادن کي هن ريت مخاطب ٿيو هو:
تون جو مون کي ڪين مڃيندين، 
مون کي ڪا پرواهه نه آهي!
آءٌ سڀاڻي لاءِ لِکان ٿو، 
جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي، 
مون تي ميڙو مچڻو آهي!
- ۽ اُهو ’سُڀاڻو‘ اچي چُڪو آهي. گذريل ٽن سالن کان حيدرآباد جي ’خانه بدوش رائيٽرس ڪيفي‘ پاران ’اياز ميلو‘ ملهائجي رهيو آهي. پهرئين سال (2015ع ۾) جڏهن هي ميلو لڳاتار اَٺ ڏينهن لڳايو ويو هو، ته سنڌ جا ماڻهو حيران ٿي ويا هئا؛ ۽ پوءِ اِها روايت برقرار رهي. گذريل سال 2016ع ۾ هي ميلو ڇهه ڏينهن هليو، ۽ هن سال به 20 کان 25 ڊسمبر 2017ع تائين ڇهه ڏينهن لڳي رهيو آهي، ۽ اُن موقعي تي هي پنهنجو قلمي پورهيو اشاعت هيٺ آڻي، آءٌ شيخ اياز جو ڪُجهه نه ڪجهه قرض لاهي، پنهنجو فرضُ پورو ڪري رهيو آهيان. 

تاج جويو

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 865
Kitab Jo Nalo : RABEL’A RUT MAYA NAGAR (Study of Shiakh Ayaz)

by : Taj Joyo

First Edition © Roshni 2017
Pages : 270
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 350.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

Post a Comment

0 Comments