HEE JAY NAHROON NINDA JOON






























سوچئين تُون متان... 

شيخ اياز، پنهنجي ڪتاب ’ڪونجون ڪرڪن روههَ تي‘ جي مُهاڳ جي هنن سٽن سان شروعات ڪئي آهي:
”اصل شہود و شاہد و مشہود ایک ہے،
حیران ہوں پھر مشاہدہ ہے کس حساب میں۔“
(غالب)
حيرت جو اِهو احساس آهي، جو، وحدت الوجود جي نظرئي جو بنياد آهي. جتي به تصوف، هڪ عوامي تحريڪ جو روپ ورتو آهي، اُتي اُهو پنهنجي خاص ماحول ۽ مذهبي روايتن کان مٿي اُڀريو آهي ۽ هڪ ئي شڪل ۾ نظر اچي ٿو ۽ اُن ۾ اختلاف بدران هڪجهڙائي ۽ ايڪتا ملي ٿي.“
شيخ اياز، تصوف تي انگريزي، فارسي ۽ اردوءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب پڙهيا هُئا. هن تصوف توڙي سَريت پسندي (Mysticism) جو وسيع مطالعو ڪيو هو، ’جيڪا نفس جي گھراين مان اُڀري، مشاهدو ۽ ڪشف ڪوٺجي ٿي.‘ اُن لاءِ هن ويدانت، ٻڌمت، جين مت، تائومت، زردشتي مذهب ۽ اُن جي شاخن: مانيزم ۽ مزد هڪ ازم، آمريڪي، آفريڪي ۽ يوناني. سَريت پسندي (Mysticism) ۽ اسلامي تصوف بابت جيترو اڀياس ڪيو هو، اوترو شايد ئي دنيا جي ڪنهن شاعر يا فلاسافر ڪيو هُجي. اياز جي پختي راءِ آهي ته ’اسلامي تصوف تي يوناني ۽ هندي سريت پسنديءَ (Mysticim) جو گهرو اثر آهي.‘
 صوفين، ويدانتين ۽ سريت پسندن وٽ اُن جي اظهار جون وَن وَن واٽون آهن، جيڪي ’دنيائي زندگيءَ جي ماروائي نظام سان خوشگوار تعلق‘ پيدا ڪن ٿيون.
اُن معيار تي شيخ اياز جي نظر ۾ ’هند جا ويدانتي شاعر ۽ سنڌ ۽ پنجاب جا صوفي شاعر پورا لھن ٿا.‘ اُن لاءِ اياز اهو لکيو آهي ته ”پنجاب ۾ سلطان باهو، بلهي شاهه ۽ شاهه حسين، اُن جا بهترين مثال 
آهن، ۽ سنڌ ۾ ته شاهه، سچل ۽ ساميءَ کي هرڪو ٽمور تي ڪوٺي ٿو.“
(ص:8، ’ڪونجون ڪرڪن روهه تي‘:مھاڳ)
مٿيان اقتباسَ ۽ اُنهن جو تَت، مون هتي اُن لاءِ ڏنو آهي ته شيخ اياز، هڪ پورو ڪتاب، پنجاب جي صوفي شاعر ’سلطان باهوءَ‘ جي نالي لکيو هو، پر اسان جي پبلشرن، پنهنجي سھوليت آهر، شيخ اياز جي شاعريءَ جا حصا بُخرا ڪري، اشاعت هيٺ آندا، ۽ اياز جي فڪري ارتقا ۽ ڪتابي ترتيب جو ڪو خيال نه ڪيو هو.
شيخ اياز جو هيءُ نئون ڪتاب، شيخ اياز جي اڻ ڇپيل چؤسٽن تي مشتمل آهي، ۽ جيڪو شيخ اياز جي عاشق ۽ مُنهنجي پياري دوست، قاضي منظر حيات سهيڙي ڏنو آهي، جنهن جو نالو شيخ اياز پاڻ ئي ”هي جي نھرون ننڊ جون“ رکيو هو. اُن ۾ اُهي 90 چؤسٽا به شامل هُئا، جيڪي نيو فيلڊس پبيليڪيشن، حيدرآباد جي دوست، فيروز احمد ميمڻ ڪتاب ’ڪونجون ڪَرڪن روهه ۾‘ (1997ع) ۾ ڏئي ڇڏيا هُئا ۽ جيڪي مُون اُتان کڻي، هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا آهن، جيڪي سلطان باهُوءَ سان منسوب هئا.
شيخ اياز، پنجاب جي صوفي شاعرن، شاهه حسين، بلي شاهه ۽ سلطان باهوءَ جي ڪلامن جا ڪئسيٽ زندگيءَ جي آخري دور ۾، ننڊ کان اڳ نه رڳو ٻُڌند هو، پر هن پنهنجي شاعريءَ جون هيئتون به انهن کان متاثر ٿي جوڙيون هيون. آءٌ چاهيان ٿو ته ’ڪونجون ڪرڪن روهه تي‘ جي مھاڳ مان سلطان باهوءَ ۽ اُن جي شعري هيئت جي باري ۾، ايازُ جا خيال هوبهو، هتي درج ڪريان:
”باهوءَ، چؤسٽا لکيا آهن، پنجابيءَ ۾ دوها ٻه سٽا به هوندا آهن، جيئن فريد شڪر گنج جا دوها آهن ۽ چؤسٽا به هوندا آهن، جيئن سلطان باهوءَ جا آهن. باهوءَ جي هر سٽ جون پويون لفظ ”هُو“ آهي، جو انساني روح کي ڪٿان جو ڪٿي ٿو پھچائي ڇڏي. مون هر دوهي ۾ ’هو‘ به لکيو آهي. باهوءَ جو تعلق شاهه جھان جي دور سان هيو. هو جهنگ (ضلعي) جي ’موضع اعواڻ‘ ۾ پيدا ٿيو هو. هو داراشڪوه جو همعصر هيو. 1230هه ۾، جنهن نه رڳو ’سڪينة الاوليا‘ ۽ ’سفينة الاوليا‘ جهڙا ڪتاب لکيا هُئا، پر ڪابل ڏانهن ڪاهه ڪندي رستي تي فارسيءَ ۾ اُپنشدن جو ترجمو به ڪيو هُئائين. هن جي انسان دوستي ضرب المثل ٿي چُڪي آهي. انهيءَ ۽ هن جي مرشد ميان ميرَ، سلطان باهوءَ وانگر قادريه سلسلي ۾ بيعت ڪئي هُئي. ميان مير اصل سيوهڻ جو سنڌي هُيو.
جيتوڻيڪ اُن وقت چشتيه، نقشبنديه، سهرورديه طريقا به مقبول ها ۽ عوام ۽ خواص ۾ اهڙو ڪوئي شخص نه هو، جو ڪنهن نه ڪنهن سلسلي سان وابسته نه هو.
هونئن ته وحدت الوجود جِي، تصوف جي دنيا ۾ پُراڻي ريت آهي، پر اُن کي ابنِ عربيءَ جي فڪر ۽ حسين بن منصور حلاج جي خون هڪ زنده حقيقت بڻايو، جنهن پنجاب جي مٿي ذڪر ڪيل فرقن کي هڪ ’لوڪ شاهي ريت‘ ۾ سمائي ڇڏيو. 
 مُون باهُوءَ تان چؤسٽي جو فارم کنيو آهي. جيئن ساميءَ تان سلوڪ ۽ ڀٽائيءَ تان بيت جو فارم کنيو آهي. ’ڪونجون ڪرڪن روهه تي‘ ]وارن چؤسٽن[ ۾ باهوءَ جي مابعد الطبيعيات (Metaphysics) نه آهي، ۽ مُنهنجي شاعريءَ ۾ جو فلسفو آهي، اُن جي ڪائي هڪ سٽ باهوءَ سان يا ٻئي ڪنهن سان نه ٿي ملي.
ها. اُهو ضروري آهي ته ڪيترن چؤسٽن ۾ مون پنهنجي نقطه نگاهه کان هن ڪائنات جي وحدت بيان ڪئي آهي، اُنهن ۾ ڪُجهه چؤسٽا ڪراچيءَ جي حالات جي باري ۾ به آهن ۽ اُن دور جي دهشتگرديءَ جي عڪاسي ڪن ٿا.
مُنهنجو پيءُ، مون کي ننڍي هوندي باهوءَ جي هيٺين سٽ ٻُڌائيندو هو (هو باهوءَ جو معتقد هو ۽ ڪيئي ڀيرا هن جي مزار تي ويو هو.)
تن من ميرا ليران ليران، جيون درزي دي ليران هو!
(ترجمو: مُنهنجو تن من ليڙان ليڙان
آهي، جيئن درزيءَ جون ليڙان آهن.)
اها سٽ مُنهنجيءَ دل تي اُڪرجي وئي هُئي ۽ اڃا ياد آهي.
مان باهوءَ جي هيٺين دوهي سان مهاڳ ختم ٿو ڪريان:
عشق دي اولڙيان گلان، جهيڙا دور ٿين شرع هٽاوي، هُو!
قاضي ڇوڙ قضاوين جاون، عشق طماچين لاوي، هُو!
لوڪ اياڻي متين ديون، عاشقان مت نه ڀاوي، هُو!
مڙن مهال تِنھان نون باهُو، جنھان صاحب آپ بُلاوي هُو!
(ترجمو: عشق جون ڳالهيون نراليون آهن، جيڪي شرع کي دور هٽائي ڇڏين ٿيون. قاضي قضائون ڇڏي وڃن ٿا. جڏهن انهن کي عشق چپاٽون هڻي ٿو. اياڻا لوڪ متيون ته ڏين ٿا، پر عاشقن کي ڪا مت ڀانءِ نه ٿي اچي! انهن جو مڙڻ محال آهي باهُو! ،جن کي صاحب گهرائي ٿو!)   4- ڊسمبر 1996ع
’ڪونجون ڪرڪن روهه تي‘ وارن هنن 90 چؤسٽن مان (جيڪي هن ڪتاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن) فقط 14 ۾ ’هُو‘ جو استعمال ناهي، پر انهن جو باهوءَ سان تخاطب ضرور آهي، جڏهن ته هن نئين ڪتاب جي 228 چؤسٽن مان 95 چؤسٽن ۾ ’هُو‘ جو استعمال آهي، باقي چؤسٽن ۾ يا باهوءَ سان سندس هم ڪلامي آهي يا باهوءَ جو ذڪر ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ موجود آهي. سلطان باهوءَ جي انهن نالي منسوب ڪيل هنن سمورن دوهن جي تفصيلي مطالعي جي ضرورت آهي.
شيخ اياز جي هِن نئين ڪتاب جي دستيابي، قاضي منظر حيات ڪئي آهي. اُن ڪري دل چاهي ٿي ته شيخ اياز جي، قاضي منظر کي لکيل، خطن جا ڪُجهه ٽُڪرا به هتي  شامل ڪريان؛ ڇو ته اُنهن جي اياز جي شاعريءَ جي نه رڳو ترتيب ۽ تسلسل جي حوالي سان اهميت آهي، پر قاضي منظر جي اُن پورهيي جي به مڃتا آهي، جيڪو پورهيو هُن اياز جي ڪتابن کي اُتاريندي ڪيو هو:
*
- پيارا ڀاءٌ منظر! اوهان ايندڙ آچر تي ضرور اچو، ته اوهان کي پنهنجن پوين پنجن ڇهن ڪتابن جون درست ٿيل ڪاپيون سُپرد ڪريان. مون شاعريءَ ۾ تمام گهڻيون درستيون ڪيون آهن...  هونئن مُنهنجي صحت ٺيڪ آهي، پر پنهنجون تخليقون مُنهنجي لاءِ دُنيا جي هر شيءِ کان وڌيڪ معنيٰ رکنديون آهن، ائين نه ٿئي ته اُهي ڪنهن سبب ڪري ضايع ٿي وڃن.“ (خط: (1)
-  ”مون توکي اڳي ٻه خط لکيا آهن، معلوم نه آهي ته توکي اُهي مليا آهن يا نه؟... ’چنڊ ڳليون‘ جو فرسٽ پروف فيروز احمد موڪليو آهي. تو وارن شعري مجموعن ]يعني اياز جي اتاريل مجموعن[ ۾ ڪافي درستيون ڪيون اٿم...
- من ڏاڍو منجهي پيو آهي. ڪراچيءَ کائڻ ٿي اچي. دوست سڀ بي سبب مُنهن موڙي ويا آهن... هن بيقدريءَ سنڌ جي ڪهڙي شڪايت ڪجي! جي مان فقط ڪراچيءَ ۾ وڪالت ڪريان ها ته هن وقت مون کي پنج ڇهه ڪروڙ روپيا ۽ ٻيون سهوليتون هُجن ها. هاڻي ته (پلازه جي) لفٽ خراب ٿي پئي ٿي ته پندرهن پندرهن ڏينهن لهي نه ٿو سگهان. گرمي گهٽجي ته ڌيئن وٽ اندرون سنڌ هليو وڃان. اُنهن جي ٻارن سان دل بھلجي ويندي آهي.
... خدا جي وجود ۾ پڪو ويساهه... آهي، اُهو ئي هن تنهائيءَ ۾ ڀَرجهلو آهي، نه ته ڪيترو وقت اڳي مُنهنجو من ڊهي پئي ها!“ (خط 2) 
*
- پيارا منظرتُنهنجو ڪاپي ٿيل مسودو پهتو. ’ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر‘ جو باقي حصو درست ڪري رهيو آهيان. اخبار مان وقت نه ٿو بچي.
ادي حميده مضمون ته مُنهنجي دفاع ۾ لکيو هو، پر اُن تي وري هنگامو ٿئي ها. يوسف ]شاهين[ کي اها ڳالهه نه ٿي وڻي... (خط 3)
*
- ”تُنهنجو خط  پهتو ۽ وايون ۽ ٻيو مواد به پهتو. مان اوهان جي ايتري قدر افزائيءَ لاءِ اوهان جو ۽ ٻين دوستن جو احسانمند آهيان. دراصل مون ايتري بي قدري ڏٺي آهي. جو بي حِس ٿي ويو آهيان، ۽ پنهنجي باري ۾ تحسين جو اظهار، مُنهنجي چپن تي فقط هلڪي مُرڪ آڻي ٿو.
مُون تحسين لاءِ نه لکيو آهي، فقط پنهنجي ذات جي تڪميل لاءِ لکيو آهي ۽ جيستائين جان ۾ ساهه آهي، تيستائين لکندو رهندس، ڇو ته مون لاءِ ادب برائي زندگي نه آهي، ادب زندگي آهي ۽ زندگي ادب جي تخليق کان سواءِ مون لاءِ بي معنيٰ ٿي وڃي ٿي.“ (خط 4)
*
”تُنهنجو ڪاپي ٿيل ڪتاب پهتو. مان اهو ڪتاب توسان منسوب ٿو ڪريان. جو تو ايتري خلوص سان مون کي مدد ڪئي آهي. ]اياز جو اشارو، ’برسات‘ اخبار جي ايڊيٽوريلن ۽ مضمونن واري ڪتاب ڏانهن آهي.[
”اُميد ته ’اسپين جي جنگ آزادي‘ ۽ ’عرفان مھديءَ جي خودڪشيءَ وارو مضمون، پاڻ سان آڻيندين. مان برسات ۾ شايع ٿيل اردو شاعريءَ وارو مضمون به اُن سان گڏي شايع ڪرائڻ ٿو چاهيان... (خط 5، 26 مارچ 1997ع)
*
”...’برسات تان پيسٽ ٿيل تُنهنجا ٻه ڪتاب پهتا. مان تُنهنجو ٿورو ته نه لاهي سگهندس، پر چاهيان ٿو ته هڪ ڪتاب تُنهنجي نالي منسوب ڪريان.
انهن مضمونن ۾ اُردو شاعريءَ تي برسات ۾ شايع ٿيل مُنهنجو لنبو مضمون ڪونه آهي. اُن جي مون وٽ هڪ ڪاپي آهي، جي توکي ڪاپي هٿ اچي سگهي ته اُها به پيسٽ ڪري موڪل.
... هن ]ڪتاب[ جو ’هي جي  ٻول ٻھون‘ نالو مون کي نه ٿو وڻي. ’وس وس مينهڙا‘ ڪيئن آهي؟ ۽ جي توکي ڪوئي ٻيو نالو سُجهي اچي ته لکي موڪل. مون کي ٻيو نالو ’هي جي نھرون ننڊ جون‘ به چڱو ٿو لڳي. توکي ۽ ادي حميده کي ڪيئن ٿو لڳي؟ (خط 6)
- هنن خطن مان شيخ، اياز جو قاضي منظر حيات لاءِ پيارَ ۽ پنهنجائپ جو اظهارُ ملي ٿو ۽ محسوس ٿئي ٿو ته ڪراچيءَ جي اڪيلائيءَ ۽ دوستن جي بيقدريءَ واري دور ۾، جنهن نموني قاضي منظر حيات، شيخ اياز سان نڀايو هو ۽ هن جي تخليقن کي سھيڙيو هو، اياز لاءِ اها ڳالهه آٿت سان گڏ سندس اُتساهه جو وسيلو به بڻي هُئي. اسان ٻنهي ]قاضي منظر ۽ مون[ اياز جي هن نئين ڪتاب جو نالو، اياز جو پنهنجو تجويز ڪيل نالو، ”هي جي نھرون ننڊ جون“ ئي قائم رکيو آهي.
’هي جي نھرون ننڊ جون‘ ڪتاب، صوفي شاعر سلطان باهوءَ کي ارپيل آهي، جنهن اياز کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو ۽ جنهن جو سندس والد پڻ پوئلڳ هو. هن ڪتاب ۾ اياز، اُن ابدي ننڊ جو ور ور ذڪر ڪيو آهي، جيڪا هر ذي ساهه کي اَوس ڪرڻي آهي، جيڪا ننڊ ڀٽائيءَ به ڪئي ۽ ايازَ به اُن جي خواهش ڏيکاري آهي ۽ هُن به ڪئي، پر هر ننڊ کي امرتا نه ملندي آهي، اُها ننڊ صرف انهن کي نصيب ٿيندي آهي. جن لاءِ ڀٽائيءَ چيو هو: 
’سي سُتا ئي سُونهن، ننڊ عبادت جن جي!‘
واقعي اهڙيءَ ننڊ لاءِ سلطان باهوءَ به چيو هو، پر اظھار جو پيرايو ۽ انداز ٻيو هو:
تاڙي مارِ  اُڏار نه سانُون، اسين آپي اُڏڻ هاري، هُو!
سلطان باهو هُجي، ڀٽائي هُجي يا اياز هُجي، هنن هن سنسارَ مان اُڏري وڃڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ابدي ننڊ جي ڳالهه ڪئي آهي، پر اِها ننڊ موتُ نه آهي؛ اُها ننڊ حياتي آهي، ابدي حياتي- اِها ننڊ جن ڪئي، اُهي مرڻا نه آهن، اُهي حيات آهن. سلطان باهو حيات آهي. ڀٽائي حيات آهي. اياز حيات آهي. سندن شاعري اَمر آهي، فنا نه ٿيندڙ آهي. دائمي حيات رهڻي آهي، اُن ڪري هي اسان جا شاعر ’سدا حيات‘ آهن.
باهو! تاڻ سِتار نه ايڏي، تند پوي جو ٽَٽِي هُو!
سُونهن سڄي سنسارَ جي تُنهنجيءَ، ٻوليءَ آهي لُٽِي هُو!
تَڻ تَڻ جو آواز اَچي ٿو، رات وئي آ  کُٽِي، هُو!
هاڻ هلڻ جي تياري ڪرتون، رَٿُ ته آهي جُٽِي، هو!
آکيرن ۾ ننڊ ڪندا سڀ ٻولڙيون ٻولي هُو،
ڪِئن چئجي اڄ تيرُ اُڏامي، ڪنھن کي ٿو ڳولي هُو،
موتُ شڪاريءَ پنڇيءَ وانگر، نِڪتو آ پَـرَ کولي هُو،
ايئن لڳي ٿو اڳتي صحرا ٿو، ڪوئي ڇا ڇولي هُو!
دل ته چوي ٿي ائين سُمهان جو، ننڊ منجهان نه اُٿان!
تُنهنجي ڪاڻ ڪويتا ڪيڏيون، راتيون جاڳيو هان!
(اياز)
اياز، ڪويتا/شاعريءَ لاءِ الائي ڪيترين راتين جا اوجاڳا ڪيا هُئا ۽ اڄ ڪراڙ ڪنڌيءَ تي، پنهنجي مرشد جي ڀر ۾ (جيڪو کيس اکڙين کان به اوڏو آهي) ابدي ننڊ سُتو پيو آهي، پر جاڳي پيو. هو ڪنهن صِلي جو محتاج نه آهي، هُو ڪنهن مقبري جو تمنائي نه آهي، ڇو ته هُن جي چاهنا هُئي ته:
سوچئين تون متان،
مون مٿان مقبرو!
چنڊ، تارا، ڪتيون،
سِجَّ جون مشعلون
مون مٿان
روز ٻرنديون پيون!
هي خدائي مجاور جيان
روز مون تي ڪندا سوجهرو!
روز مون تي شفق پَڙ پائي زريءَ جا،
عقيدت جا اظهار مون سان ڪندي،
ڏينهن جو روز سورج مُکين سان پئي زندگي جرڪندي،
رات رابيل جا گل نڇاور ڪندي.
ماڪ سان تنهن مٽيءَ کي معطر ڪندي
آءٌ هوندس جتي!
تون متان هن گنهگارَ کي
ڪنهن وڏي پِيرَ سان ڀيٽئين،
شاعري ريٽئين،
جنهن هزارين بُزرگيون مٽائي ڇڏيون،
سِجَ هيٺان ڪڪر جيئن لڪائي ڇڏين
سمنڊ ۾ ريت وانگر ڇُپائي ڇڏيون،
مشعلون سَو جلائي ڇڏيون،
جي نه ڪوئي ٻُجهائي سگهي،
۽ نه طوفان ڪوئي به تِن کي وسائي سگهي!

- تاج جويو

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 868
Kitab Jo Nalo : HEE JAY NAHROON NINDA JOON

Poet : Shaikh Ayaz

First Edition © Roshni 2017
Pages : 120
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 180.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

No comments:

Post a Comment