TABADILI JO FALSAFO




























اُبي دوبيم اِبي لبريٽس  (لاطيني چوڻي.)
جتي (تحقيق واسطي) شڪ هوندو آ، اُتي ئي آزادي هوندي آ.
           
ڪجهه ڏينهن اڳ ڪارل مارڪس، ڪامريڊ عاصم آخوند ۽ سيليا سانچيز جي جنم ڏينهن جي حوالي سان هڪ سٺو پروگرام حيدرآباد ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ ڳالهه ڪندي ڪامريڊ شفقت قادريءَ ويهين صدي جي ٻن عظيم ماڻهن، سِگمنڊ فرائيڊ ۽ البرٽ آئين اسٽائين جي پاڻ ۾ خط و ڪتابت جو ذڪر ڪيو. جنهن جو حاصل مطلب ڪجهه هيئن هو ته فرائيڊ، آئين اسٽائين کي پاڻ کان خوش نصيب سڏيو. سبب پڇڻ تي فرائيڊ کيس لکيو ته تنهنجي ٿيوري (Theory) تي ڪو ايرو غيرو راءِ زني نه ٿو ڪري سگهي، پر منهنجي ٿيوريءَ تي هر اڻڄاڻ ماڻهو به صاحبِ راءِ آهي. اهو الميو صرف فرائيڊ جو نه هو، پر ان فھرست ۾ ٻيا ٻه عظيم ماڻهو پڻ شامل ڪري سگهجن ٿا. جن جي حقيقي سمجهاڻيءَ کان گھڻو اڳ، عام لوڪن تائين سندن سچ جي چچريل صورت پھتي. ٻهڳڻي آمريڪي ليکڪ مارڪ ٽوئن چواڻي، ’سچ جسيتائين جوتا پائي تيار ٿئي، تيستائين ڪوڙ اڌ دنيا جو چڪر هڻي ايندو آھي.‘ اهي ٻه ٻيا ماڻهو آهن: چارلس ڊارون ۽ ڪارل مارڪس. گهٽ ماڻهو هوندا جيڪي انهن جي پورهيي جي وت کان واقف هوندا، پر گهڻائي اهڙن ماڻهن جي هوندي، جيڪي پاڻ کي انهن ماڻهن جي پورهيي کي بنا ڪنهن سُڌ ٻُڌ جي، رد ڪرڻ جي اهل سمجهندي آهي. هاڻوڪو هي ڪتابڙو چارلس ڊارون يا مارڪس بابت ڪونهي، پر سچ يا تبديليءَ کي سمجهڻ جي ان طريقه ڪار بابت آهي، جنهن تائين فرائيڊ، ڊارون ۽ مارڪس مختلف رستن کان ٿيندي پهتا ۽ پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ انقلاب آندا ھئائون. تحقيق جي ان طريقه ڪار کي سائنسي يا مادي جدليات سڏيو ويندو آهي. جدليات يا فلسفو لفظ ٻڌڻ سان ئي اسانجا ٺپ ٺري ويندا آهن. هٿ پير هڻڻ يا محنت ڪري پڙهڻ کان پهرين ئي اسان اهو طئي ڪري ڇڏيندا آهيون ته اهو جِنُ اسان جي ذهن جي بوتلن ۾ اچڻو ئي ڪونهي. هاڻي اُهو ڪم ٿيندو ڪيئن، جنهن جي ڪرڻ کان اڳ ئي اسان طئي ڪري ڇڏيون ته اهو ڪم ٿيڻو ئي ڪونهي، توڻي جو انسان ته ڇڏيو، پر جانور به جبلي انداز ۾ انهن اصولن کي اظهاريندا آهن. مثال طور، جڏهن ڪيولين جا ڪٽڪ هڪ جبل جيڏي هاٿي يا شينهن کي ڪا خاص جڳهه يا علائقو ڇڏڻ تي مجبور ڪندا آهن تڏهن مقدار جي معيار ۾ تبديلي جو اصول، حيواني دنيا ۾ به عملي نتيجا ڏيندڙ ٿي پوندي آهي. ساڳيءَ ريت ساديءَ سطح تي ته هر ماڻهو فيلسوف هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو ان وٽ دنيا بابت ڪو نه ڪو خاڪو هوندو آهي. ٻوليءَ جھڙي ٺوس ۽ تجريدي وکر جو واھپو ته ھر انسان ڪندو آھي، ڀلي پوءِ ھن وٽ ٻي ڪا تعليم نه به ھجي.  پر جيئن حياتي هڪ گهرڙائي صورت (جهڙوڪ ايموبيا وغيره) کان گهڻ گهرڙائي بيهڪن (جهڙوڪ ٻوٽا، جانور ۽ انسان) تائين اوسر ڪئي آهي تيئن علم ۽ شعور به سادي کان پيچيده صورتن تائين اوسر ڪئي آهي. سائنس ۽ فلسفي جو سفر شروع ئي عام سادي شعور (Common sense) تي تنقيد سان ٿيندو آهي، اهڙي ريت ڪتابڙو به پاڻ ۽ دنيا بابت ٺهيل ٺڪيل تصورن سان ٽڪرائجي ٿو.
پنهنجو پاڻ سان ٽڪرائجڻ جي ان عمل بغير نه ته اسان پاڻ بدلجون ٿا ۽ نه وري دنيا کي بدلائڻ واري وڏي ۽ اڙانگي سفر جا پانڌيئڙا ٿي سگهون ٿا. برٽيل اولمين جدليات بابت پنهنجي هڪ مضمون (Dance of dialectics) جي شروعات ڪجهه هيئن ڪري ٿو: ”ڇا توهان ڪڏهن هڪ هلندڙ ڪار ۾ چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ اهو عمل هڪ بيٺل ڪار ۾ چڙهڻ کان ڪهڙيءَ ريت مختلف آهي؟ جيڪڏهن توهان جي اکين تي پٽي ٻڌل هجي ته ڇا پوءِ به اوهان ان هلندڙ ڪار اندر چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندؤ؟ ڇا توهان پوءِ به چڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندؤ، جڏهن نه صرف توهان جي اکين تي پٽي ٻڌل هجي، پر توهان اهو به نه ڄاڻيندا هجو ته، ڪار ڪهڙي طرف ۽ ڪهڙيءَ رفتار سان حرڪت ۾ آهي؟ هي سڀ بيوقوفاڻا سوال ڇاجي لاءِ آهن؟ ظاهري طور تي هر سالم دماغ ماڻهو ڄاڻي ٿو ته هڪ هلندڙ ڪار ۾ چڙهڻ لاءِ ڪار جي حرڪت جي طرف  ۽ رفتار جي صحيح ڪٿ ضروري آهي، پر سماج بابت اوهان جو خيال ڇا آهي؟ سماج به ته ان هلندڙ گاڏيءَ وانگي آهي، جنهن ۾ هر ڪوئي پنهنجون خواهشون ۽ ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ، پنهنجي نوڪري، گھر ۽ سماجي رشتا جوڙڻ لاءِ، مختصرن پنهنجي پوري زندگيءَ کي گذارڻ لاءِ، چڙهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ڪنهن کي شڪ آهي ته سماج هر پل تبديليءَ جي عمل ۾ هوندو آهي. درحقيقت ڪنهن به صديءَ اهڙي تبديلي نه ڏٺي آهي، جهڙي اسان هن صديءَ ۾ ڏسي رهيا آهيون ۽ ڪنهن به دور ايڏين تڪڙين تبديلين جو تجربو ناهي ڪيو، جهڙو ٻي سامراجي مهاڀاري جنگ کانپوءِ هاڻي ٿي رهيو آهي. سوال اهو آهي ته انهي تبديليءَ جي رفتار ڇا آهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته انهيءَ تبديليءَ جو طرف (يا قبلو) ڪهڙو آهي؟“
هي اُهي سوال آهن، جيڪي اسان کي تبديليءَ جي فلسفي کي سمجهڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ مادي جدليات اهو فلسفو آهي، جيڪو اسان کي تبديليءَ جي سمجهه سان ويجهو ڪري ٿو، ۽ جيڪو ٻڌائي ٿو ته، ڪهڙيءَ ريت ڪنهن به لقاءُ جي تبديلي جو عمل دراصل نتيجو آهي ان لقاءُ جي داخلي توڙي خارجي رشتن جو، سندن تضادن جي اهڙي حرڪت جو، جنهن ۾ تضاد پاڻ ۾ ڇڪتاڻ کان وٺي هڪ ٻئي ۾ پيهي وڃڻ جي انيڪ صورتن منجهان گذرن ٿا- (پهريون قانون)، ۽ انهن ئي صورتن کي ٻين لفظن ۾ اسان تبديليءَ جو عمل  سڏيون ٿا، جيڪو درحقيقت  ارتقا (آهستگيءَ ۽ تسلسل سان ٿيندڙ مقداري تبديلين) ۽ انقلاب ( تڪڙيون ۽ ڇال وارين معياري تبديلين) جي هيڪڙائي آهي- (ٻيون قانون)، جنهن ۾ پراڻين حالتن يا صورتن جي ڳڀ منجهان نين صورتن جو جنم ٿئي ٿو ۽ جيڪي اڳتي هلي وري پاڻ منجهان نواڻ پيدا ڪندي پاڻ پراڻ ٿي وڃن ٿيون- (ٽيون قانون). جدليات اسان کي سمجهائي ٿي ته  دنيا شين جو نه پر رشتن يا لاڳاپن جو مجموعو آهي ۽ انهن رشتن کي عمل (process) ۾ سمجهڻ سان ئي اسان دنيا جي حقيقت کي سمجهي سگهون ٿا. 
ڪائنات اڀي نا تمام هي شايد 
ڪه آ رهي دما دم صداءِ  ڪُن فيڪُن. 
(اقبال)
اهڙيءَ ريت مابعد طبعيات جي ابتڙ جدلي نقطه نظر شين يا لقائن کي معروضي طور، تاريخي، ڪُلي يا عضوياتي انداز ۾ ڳنڍيل ۽ گهڻ طرفي انداز ۾ ڪجهه قانونن ۽ ڪُلي تصورن (ڪيٽگورين) جي مدد سان سمجهاڻي ڏيئي ٿو. جدليات ٺهيل ٺڪيل ڪجهه فارمولن يا قانونن جو نالو ڪونهي، جن کي موجود ۽ سدا متحرڪ دنيا تي لاڳو ڪجي، پر جدليات دنيا جي هوند جو طريقه ڪار آهي، جنهن کي دنيا منجهان ئي سمجهبو آهي. 
اڄ کاٻي ڌر جي سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ اسان کي سنڌ، پاڪستان توڙي پوريءَ دنيا ۾ معروضي تبديلين کي سمجهڻ ۽ پاڻ کي ان حوالي سان بدلائڻ ۾ جيڪا ڏکيائي منهن سامهون پئي آهي، تنهنجو هڪ بنيادي سبب جدليات جي غير جدلي سمجهه آهي. عام ماڻهوءَ کان ويندي هڪ سياسي ڪارڪن لاءِ جدليات جي ڄاڻ  جي اهميت تمام گهڻي آهي، جيئن مٿي برٽل اولمين سمجهايو آهي. ڇاڪاڻ ته هي ئي اهو علم آهي، جيڪو اسان کي سدا تبديل ٿيندڙ سماج کي تبديل ڪرڻ جي فڪري  توڙي عملي طور طريقن ۾ ڀڙُ بڻائي سگهي ٿو .  ڪامريڊ عاصم آخوند چوندو هو ته سنڌ ۾ عملي سياست جي کوٽ جو هڪ بنيادي سبب فڪري محاذ جي کوٽ آهي. مزاحمتي سياست جي پسپائي، عوام يا قوم جي نمائيندگي ڪندڙ سياسي قوتن جي فڪري پسپائي جو نتيجو به آهي ته سبب به. جيئن ڪنهن به علم (مثال طور رياضي) جون کوٽون ان علم جي اوسر مان ئي پوريون ٿيڻيون آهن (نه ڪي دينيات جي علم ذريعي) تيئن عوامي سياست جون فڪري کوٽون عوامي سياست ۽ فڪر جي اوسر منجهان ئي پوريون ٿي سگهن ٿيون ۽ عوامي سياست ۽ فڪر ۾ سڀ کان بنيادي حيثيت مارڪسزم ۽ مادي جدليات کي حاصل آهي.  
انهن قانونن ۽ ڪيٽيگورين کي  الڳ الڳ ۽ تفصيلي انداز ۾ سمجهڻ جي هڪ ڪوشش هن ڪتابڙي جو مقصد آهي. اِهي لکڻيون مختلف وقت ۾ سماجواد ميگزين جي مختلف ڪڙين منجهه ڇپبيون رهيون آهن، جن کي نئين سر ڏسي، نوان ضروري واڌارا ڪري ڪتابي شڪل ڏني وئي آهي. اهو احساس پهرين به هو، پر پنهنجي لکڻين کي ڪتابي شڪل ڏيڻ دوران مونکي جيڪو مطالعو ڪرڻو پيو، تنهن ان احساس کي اڃا گهرو ڪيو ته لکڻ بدران اڃا گهڻو پڙهجي ڇو ته سيهوڳي دور ۾ جدليات تي جيڪو ڪم ٿيو آهي، سو ايترو ته پيچيده ۽ ڏکيو آهي، جو ڳالهيون سمجهڻ ۾ چڱي ڀلي کان  پگهر نڪريو اچن. (ياد ٿو اچيم ته سرمايي ڪتاب بابت ڪنهن مارڪس کي چيو هو ته ڇا پورهيت تنهنجو ايڏو ڏکيو ۽ ڳرو ڪتاب پڙهي ويندا؟ جنهن تي مارڪس کيس چيو هو ته، جيڪڏهن پورهيتن کي پاڻ کي ۽ تاريخ کي آزاد ڪرڻو آهي ته کين سائنس جي ان عذاب منجهان گذرڻو پوندو.) ان جو وڏو سبب اُهي نوان اصطلاح آهن، جن ذريعي جديد جدليات تي ڪم ڪندڙ ٻن اهم ماڻهن، ٿيوڊر ايڊورنو ۽ راءِ ڀاسڪر پنهنجي ڳالهه رکي آهي. سندن پورهيي منجهان پاڻ تڏهن ئي فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا، جڏهن اسان جدليات جي ڪلاسيڪي سمجهه ۾ سگهارا هجون. ڇو ته انهن جو گهڻو تڻو ڪم  پراڻي جدلي سمجهه تي تنقيد کان ئي شروع ٿئي ٿو. ٿيوڊر ايڊورنو 1966ع ۾ ناڪاري جدليات (Negative Dialectics) نالي هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ هن هيگل تي تنقيد ڪئي هئي. خاص طور سندس هاڪاري ۽ مقررپسند (Deterministic) جدلياتي سمجهاڻيءَ تي. هيگل جي ابتڙ ايڊورنو هاڪار بدران ناڪار کان شروعات ڪري ٿو ۽ لقائن جي هيٺاهين کان مٿانهين يا سادگيءَ کان پيچيدگيءَ ڏانهن هاڪاري اوسر ۽ ڪائناتي مقصديت تي سوال اٿاري ٿو. مثال طور، هيگل جو اهو تاريخي جملو سخت تنقيد هيٺ آيو ته هر حقيقي شيءِ عقلي آهي ۽ هر عقلي شيءِ حقيقي (what is real is rational and what is rational is real)، جنهن ۾ هيگل جو مقصد اهو هو ته ڪنهن شئي جو وجود جيڪڏهن آهي ته پوءِ ان جي هوند جا ڪارڻ به هوندا، جن کي سمجهي سگهجي ٿو يا تاريخي طور عقل جي اوسر جي ڏاڪي پٽاندر ان جي عقلي توجيهه يا تعريف به ممڪن آهي ۽ هراها شيءِ جيڪا اسانجي عقل يا تصور ۾ آهي، سا حقيقي آهي. پر اهو نه وسارڻ گهرجي ته حقيقت متضاد ٿيندي آهي. اُها ڏيک ۽ جوهر ۾ورهايل هوندي آهي. اها ٺوس به هوندي آ ته تجريدي به . مثال طور، اسان جي ذهن ۾ روح يا خدا جو تصور آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اِهي پڻ حقيقي آهن، پر ٺوس وجود بدران معروضي تجريدي دنيا جو عڪس آهن. تجريد صرف اسان جي ذهن ۾ نه، پر معروض ۾ به ٿيندي آهي. مارڪس ان لحاظ کان سماجي وجود ۽ سماجي شعور ۾ فرق ڪري ٿو. بهرحال ايڊورنو ان سموري بيهڪ کي رد ڪري ٿو ۽ جدليات کي ان مقرر پسنديءَ ۽ اثباتيت کان آجو ڪري ٿو، جنهن جا ڪنهن قدر بنياد هيگل ۾ موجود هيا، پر جنهن کي مارڪس کانپوءِ جي مارڪسوادين، خاص طور تي سوويت يونين جي ٻي دور جي ترميم پسنداڻي [خرو شيفي] قيادت، هڪ بند نظام ۾ ڦاسائي ڇڏيو. 
اڄ وري مارڪس جي جدلي سمجهه کي ٻيهر ڳولڻ ۽ ڦولڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي سگهارا بنياد وري هٿ ڪري سگهجن، جنهن آڌار ان اَسونهائپ جي نفي ٿي سگهي، جيڪا سندس مٿان مڙهي وئي آهي. ان لاءِ جدليات جي ڪلاسيڪي سمجهه ڏانهن موٽڻ نه صرف اهم پر اڻٽر آهي ته جيئن جدليات کي ان ميڪانيت ۽ حرفت بازيءَ کان آزاد ڪري سگهجي، جنهن ۾ جدليات صرف پهرين کان طئي ٿيل نتيجن کي ثابت ڪرڻ جو اوزار پئي ڀاسندي آهي ۽ (ان جو اهو حشر ئي ٿيو، جيڪو فلسفي جو يونان ۾ سوفسطانين جي هٿ ۾ اچڻ کانپوءِ ٿيو، جنهن تي سقراط تنقيد ڪئي) ۽ جنهن تي اڄ ايڊورنو ۽ ڀاسڪر جهڙا مفڪر هڪ حد تائين بجا طور حملي آور آهن پر لڳي ايئن ٿو ته ايئن ڪندي هو پاڻ فلسفي جي تاريخ جي هڪ پراڻيءَ غلطيءَ کي پڻ ورجائين ٿا، جيڪا هيگل تي ڳالهائيندي فيورباخ ڪئي. يعني بجاءِ اُن جي (هيگل جي) انقلابي ۽ جدلي ڳر کي سنڀالڻ جي، ان کي جهڙوڪ مڪمل طور رد ڪرڻ، جنهن کي مارڪس  پاڻيءَ سان ڀريل ٽب ۾ ويٺل ٻار جي مثال ڏيئي سمجهايو ۽ چيو ته بجاءِ ٻار کي سنڀالڻ ۽ پاڻي اڇلائڻ جي، فيورباخ ٽب جي پاڻيءَ کي ٻار سميت اڇلائي ٿو. اسان کي ڪلاسيڪي جدليات کي به  مارڪس جي سمجهاڻيءَ جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي تڏهن ئي اسان بعد جي دور جي ٿيل اوسر کي هيانوَ سان هنڊائي سگهون ٿا. 
تنهنڪري ئي هي ڪتابڙو سيهوڳي يا هم عمر دؤر جي جدليات يا ان جي سمجهاڻين بجاءِ، ڪلاسيڪي جدليات (هيگل، مارڪس، پليخانوف ۽ لينن) کي سادن مثالن ذريعي عام ڪرڻ جي هڪ ڪوشش آهي. اها ڪوشش سنڌيءَ ۾ ترجمن يا لکڻين جي صورت ۾ مون کان اڳ  سائين محمد ابراهيم جويو، خاڪي جويو، رشيد ڀٽي، محبت ٻرڙو ۽ سڪندر مغل جهڙا ڀلوڙ ماڻهو پڻ ڪري چڪا آهن. منهنجي هن ننڍڙي  پورهيي کي به ان  سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ طور ڏسڻ گهرجي، پر مون جيترو ٿي سگهيو آهي، فلسفي ۽ ماديت جي عمومي تاريخ ۾ ڦاسڻ بدران، پاڻ کي جدلي قانونن ۽ ڪيٽيگورين تائين محدود رکيو آهي ۽ ڪوشش ڪئي اٿم ته فطري ۽ شعور جي دنيا بدران گهڻا تڻا مثال سماجي ۽ سياسي دائرن منجهان ڏيان. ايئن ڪرڻ مان منهنجو مقصد فلسفي يا جدليات کي صرف سياست تائين ڪيرائڻ ڪونهي پر هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾، فلسفي يا جدليات مان رهنمائي وٺڻ آهي، ته جيئن نوان سياسي ڪارڪن پڻ انهن کان ابتدائي سمجهاڻين کان واقف ٿي سگهن.  مان ٿورائتو آهيان ۽ رهندس پنهنجي مرحوم استاد ۽ دوست ڪامريڊ عاصم آخوند جو، جنهنجي پاڻ مٿان ٿيل محنت سبب آءٌ ڪنهن حد تائين سمجهڻ ۽ سمجهائڻ جي اهل بڻيس ساڳي وقت ڪامريڊ جاويد راڄپر ۽ ڪامريڊ لطيف لغاريءَ جو پڻ ٿورائتو آهيان، جن هن ڪتابڙي کي نظر منجهان ڪڍيو ۽ پنهنجي بهتر راين سان کٽل پاسن کي پورو ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي. 

بخشل ٿلهو

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 857
Kitab Jo Nalo : TABADILI JO FALSAFO

By : Bakhshal Thalho

First Edition © Roshni 2017
Pages : 112
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 150.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد

ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

No comments:

Post a Comment