SINDH GAZETTEER






























































انگريزن جي دؤر ۾، سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، ثقافت، رهڻي ڪَهڻي ۽ ٻيءَ عام معلومات بابت گزيٽيئر لکيا ويا. سُڌريل مُلڪن ۾ گزيٽيئرن جي وڏيءَ اهميت هُجي ٿي. انگريزن وٽ ِاِهو رواج گهڻو آڳاٽو هو. هُنن برطانيا سميت سندس قائم ڪيل بيٺڪيتن ۾ گزيٽيئر ڇپائي پڌرا ڪيا. انهيءَ سان هڪڙو ته اُنهي علائقي، مُلڪ يا صوبي جي مڪمل تاريخ جُڙي پئي، جيڪو ايندڙ وقت جي تاريخ جي شاگردن، مُحققن ۽ تاريخدانن لاءِ هڪ اهم سنگِ مِيل جو ڪم ڏيندو رهي ٿو، جنهن سان ڪنهن به علائقي، ملڪ، صوبي يا ضلعي بابت مڪمل ڄاڻ، جنهن ۾ تاريخ، سياست، سماجي قدر، ثقافت، ذاتين، قبيلن، پوشاڪ، ٻوليءَ، معيشت، طبعي حالت، جاگرافيائي صورتحال، جبلن، ندين، واهن، ڍَؤرن، زراعت، آبپاشي، واپار، رستن، جانورن، ٻُوٽن، سامونڊي ۽ دريائي جيوت، قديم آثارن بابت ڄاڻ ڏنل هجي ٿي، جنهن سان ڪوبه مُحقق ۽ تاريخدان، ماضيءَ ۾ جهاتِي پائي، حال کي انهيءَ سان ڀيٽي، نئين سر تاريخ کي ترتيب ڏئي ٿو.
ڏکڻ ايشيا ۾ اچڻ کانپوءِ، انگريزن 1822ع ۾ ڏکڻ ايشيا بابت پهريون گزيٽيئر، والٽر هَئمي هانّس جو ’اِيسٽ انڊيا گزيٽيئر‘ ڇپرايو هو.
جڏهن انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي، ته سنڌ بابت ڪيتريون سرڪاري رپورٽون ڇپرايون ويون. فتح کان اڳ اهم رپورٽ- ٽي. جي. ڪارليس جي ’ڪراچيءَ جي بندرگاهه ۽ واپار بابت ساروڻيون‘ هئي، جيڪا رپورٽ 1838ع ۾ حڪومت کي موڪلي وئي هئي. ٻيءَ رپورٽ، ڪئپٽن هارٽ جي ’ڪراچيءَ جي شهر ۽ بندرگاهه‘ بابت رپورٽ هئي، جيڪا 1840ع ۾ حڪومت کي موڪلي ويئي هئي. اُهي رپورٽون ’سنڌ بابت ساروڻيون‘ نالي انگريزي ڪتاب ۾ ڇپيل آهن.
1843ع ۾ سنڌ فتح ٿيڻ کانپوءِ، سنڌ بابت انگريزن ڪيتريون ئي رپورٽون ڇپرايون هيون. سنڌ جي تاريخ ۾، گزيٽيئر ترتيب ڏيڻ جو اعزاز اِي. ڊبليو. هيوز کي مليل آهي. هيوز، جنهن جو مڪمل نالو اَلبرٽ وليم هيوز هو. هو ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ملازم هو. هيوز بنيادي طور جاگرافيدان هو.
هن گزيٽيئر جو پهريون ڇاپو 1874ع ۾ ڇپيو هو. مئي1876ع ۾ هن گزيٽيئر جو ٻيو ڇاپو ڪراچيءَ مان ڇپيو هو. ڪتاب جي ٻئي ڇاپي ۾ ڪافي حد تائين واڌارو ڪيو ويو هو. ٻئي ڇاپي جي مهاڳ ۾ اِي. ڊبليو. هيوز لکي ٿو ته، ”هن ڇاپي کي نهايت ڌيان سان سُڌاريو ۽ دُرست ڪيو ويو آهي.“ جنهن ۾ نقشن کانسواءِ ڪيترن نَون شهرن ۽ ڳوٺن جا نالا به شامل ڪيا ويا آهن. هن گزيٽيئر جي ڇپجڻ کان اڳ، 1857ع ۽ 1862ع ۾ ٻن شخصيتن پاران انفرادي طور ڇپيل ٻه ڊائريڪٽريون به اهم آهن، پر هيوز جو چوڻ آهي، ته اُنهن کي گزيٽيئر نٿو چئي سگهجي.
سنڌ بابت ڇپجندڙ هيءُ گزيٽيئر، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون مڪمل گزيٽيئر آهي، جنهن جي ڇپرائڻ ۾ انهيءَ دؤر جي سنڌ جي ڪمشنر، سَر وليم ميري ويدر جون ڪوششون شامل هيون. هيءُ ڪنهن شڪ بغير 1843ع کانپوءِ، جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو هو، 1876ع تائين سنڌ ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن، تاريخ، ماڳ مڪانن، قديم آثارن، ذاتين، قبيلن، ڳوٺن ۽ شهرن بابت اهم ۽ معلوماتي ڪتاب آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو پياري دوست حُسين بادشاهه (محمد حُسين سومري) ڪيو آهي. ترجمو نهايت شاندار آهي. ترجمي پڙهڻ وقت ائين ڀانئجي ٿو، ڄڻ هيءُ ڪتاب لکيل ئي سنڌيءَ ۾ هجي. حُسين بادشاهه هن کان اڳ اِي. ايڇ. ائٽيڪن جي ’سنڌ گزيٽيئر‘ جو سنڌي ترجمو پيش ڪري چُڪو آهي. ائٽيڪن وارو گزيٽيئر 1907ع ۾ ڪراچيءَ مان ڇپيو هو.
جنهن دؤر ۾ هيوز واري گزيٽيئر تي ڪم شروع ڪيو ويو هو، تنهن وقت مالي مُشڪلاتن سان گڏ رابطي جا وسيلا نه هئڻ برابر هئا. پُهچ ۽ معلومات جا وسيلا گهٽ هئا، تنهنڪري گهڻن هنڌن تي انگن اکرن بابت اندازي کان ڪم ورتو ويو آهي. مجموعي طور هيءُ هڪ شاندار ڪم آهي. انگريزن جي دؤر ۾ ڇپجندڙ گزيٽيئرن مان سڀُ کان وڌيڪ معلوماتي ۽ اثر رکندڙ هيءُ گزيٽيئر آهي. اي. ڊبليو. هيوز وڏيءَ محنت سان پنهنجي ڪم سان انصاف ڪيو آهي.
گزيٽيئر جي پهرين بابُ ۾ سنڌ بابت عام تفصيل ڏنل آهي، جنهن ۾ فصلن، پوکن، ربيع ۽ خريف موسم جي فصلن بابت دلچسپ معلومات ڏنل آهي. پڙهڻ کان پوءِ پتو پوي ٿو، ته اُنهن مان گهڻا ميوا ۽ فصل، آبهوا جي تبديليءَ يا ٻين سببن ڪري هاڻي پيدا نٿا ڪيا وڃن. انهيءَ باب ۾ سنڌ جي سامونڊي ڪناري بابت ڄاڻ ڏنل آهي، ته اُهو ڪوري کاريءَ کان راسُ موري تائين ڦهليل آهي. هيوز سميت گهڻن ليکڪن هن کي ’راس موري‘ يا ’راس مونزي‘ لکيو آهي، پر هن جو صحيح اُچار ’راس مُهاڙي‘ آهي، جيڪو ڪراچيءَ جي مُبارڪ ڳوٺ لڳ هڪڙو جابلو سلسلو آهي، جيڪو سمنڊ جي اندر تائين وڃي ٿو.
انهيءَ بابُ ۾ زراعت، زرعي اوزارن ۽ آبپاشيءَ جي طريقن بابت ڄاڻ ڏنل آهي. زرعي اوزارن بابت ڄاڻ ۾ هاڻي گهڻا اوزار، جديد مشينريءَ جي اچڻ سبب ختم ٿي ويا آهن، پرمنجهانئن اڃا گهڻا اوزار ۽ طريقا، سنڌ جي پُٺتي پيل علائقن- ٿر ۽ ڪوهستان ۾ موجود آهن: جيئن ’سانهر‘، جيڪو اڄ به ٿر ۽ ڪوهستان ۾ کيتن ۾ ٻِجُ ڇَٽڻ لاءِ ڪَتب آندو وڃي ٿو.
گزيٽيئر مان اِها ڄاڻ ملي ٿي، ته 74-1873ع ۾ سنڌ جي پنجن ضلعن- ڪراچي، حيدرآباد، شڪارپور، سرحدي ضلعي ۽ ٿرپارڪر ۾ پوکيل زمين جي ايراضي 18,63,615 ايڪڙ هئي. آبپاشيءَ جي مختلف طريقن جو ذڪر ڪيل آهي، پر مَنگهي پِير ۾ ’ڪاريزات‘ جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي. ٽالپرن جي دؤر کان وٺي پاڪستان ٺهڻ تائين، مَنگهي پِير ماٿريءَ ۾ آبپاشيءَ جو مُک ذريعو ’ڪاريزات‘ هئا، جن جو ذڪر ٻين انگريز عملدارن به ڪيو آهي. جيتوڻيڪ هيوز مَنگهي پِير، هتان جي آثارن، واڳوئن، مندر ۽ باغن جو ذڪر ته تفصيل سان ڪيو آهي، پر ’ڪاريزات‘ جو ذڪر کانئس رهجي ويو آهي.
هيوز پنهنجي گزيٽيئر ۾ 1876ع تائين سنڌ ۾ ٻيلن ۽ سندن تباهيءَ جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي، پر سنڌ جي 125 ميلن واري سامونڊي پَٽيءَ تي موجود تِمرُ جي ٻيلن جو ذڪر نالي ماتر ڪيو آهي. سرڪاري رپورٽن موجب 1960ع تائين سنڌوءَ جي ڇوڙ وارن علائقن ۾ اٽڪل 12 لک ايڪڙ ايراضيءَ ۾ تِمرُ جا گهاٽا ٻيلا موجود هئا، جيڪي هاڻي تيزيءَ سان گَهٽجن پيا.
گزيٽيئر جي بابُ ٻئين ۾، سنڌ جي اوائلي تاريخ، بابُ ٽئين ۾ سنڌ ۾ برطانوي حُڪمرانيءَ جي دؤر جو ذڪر ٿيل آهي. گزيٽيئر جو بابُ چوٿون سرڪاري انتظامن بابت آهي، جنهن ۾ انهيءَ وقت جي کاتن بابت ڄاڻ ڏنل آهي، اُنهن کاتن ۾ عدالتون، سنڌ پوليس فورس، پبلڪ ورڪس کاتو، آبپاشي کاتو، ڪسٽم کاتو، ٽپال کاتو، تعليمي کاتو، سول ميڊيڪل کاتو، ٽيليگراف کاتو، سروي ۽ سيٽلمينٽ کاتو ۽ جاگير وارو کاتو شامل آهي. جنهن ۾ انهيءَ دؤر جي انتظامي ڪم ڪار، سندن وجود ۾ اچڻ جو سال، کاتن جي اڳواڻن بابت ڄاڻ ڏنل آهي.
گزيٽير جي پنجين بابُ جو عنوان آهي: مختلف موضوع. جنهن ۾ 1840ع کان 1872ع تائين ٿيندڙ آدمشماريءَ جا انگ اکر ظاهر ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ مسلمانن، هندن، سِکن، سندن ذاتين، آڪهين ۽ پاڙن بابت ڄاڻ ڏنل آهي. انهيءَ بابُ ۾ روينيو جا تفصيل (ضلعي وار) واپار، بندرگاهه، ريلوي، واهن، روڊن، رستن، رابطي جي ذريعن، عوامي ڀلائيءَ جي ذريعن ۽ سنڌ ۾ لڳندڙ پهرين صنعتي ميلي جو ذڪر ٿيل آهي.
انهيءَ بابُ ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ۽ معلوماتي ڄاڻ آهي، جيڪا هن گزيٽيئر کي ٻين گزيٽيئرن ۽ رپورٽن کان منفرد بڻائي ٿي، اُها آهي سنڌ جا شهر، واهڻ ۽ وسنديون، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف شهرن، ڳوٺن، واهڻن ۽ وسندين بابت تفصيل ڏنل آهي. هر ڳوٺ، شهر، وسندي کانسواءِ اُتي رهندڙ ذاتين، اُتي لڳندڙ ميلن ۽ ملاکڙن، پَتڻن جا تفصيل، مياڻين، ڍَڪن، واهن، کارين، ٻيلن ۽ جاگيرن جو ذڪر تفصيل سان ڪيل آهي. شهر جي مختصر تاريخ، سندس نالي تي بحث، شهر يا ڳوٺ جي اَڏيندڙ جو نالو، ڀرپاسي جي قديم آثارن جا تفصيل، اُتان نڪرندڙ گسن، روڊن ۽ واپاري رستن جو احوال ڏنل آهي، جنهن سان اڄ جي تاريخ نويسن ۽ مُحققن کي اُها ڄاڻ ملندي، جڏهن اُهو پراڻي شهر ۽ ڳوٺ کي اڄ جي شهر ۽ ڳوٺ سان ڀيٽيندو، ته کيس خبر پوندي ته اسان ڇا وڃايو ۽ ڇا حاصل ڪيو آهي. اُهي اُهڃاڻ باقي آهن، يا ختم ٿي ويا آهن. جيڪڏهن اُنهن جو وجود نه آهي، ته پوءِ هيوز جي گزيٽيئر سبب اُهي تاريخ جو حصو بڻجي ويا آهن.
ٽنڊي آدم ۽ ٽنڊي الهيار کي انهيءَ دؤر ۾، آدم جو ٽنڊو ۽ الهيار جو ٽنڊو سڏيو ويندو هو، جيڪي آدم خان مري ۽ الهيار ٽالپر جا اَڏايل شهر آهن. گڏوگڏ اِها به معلومات ڏنل آهي، ته ڀرپاسي ڪهڙا ڳوٺ ۽ شهر آهن. اُنهن جو هڪٻئي کان مفاصلو ڪيترو آهي. اُتي سرڪار پاران ڪيترا سپاهي مُقرر آهن. جيڪڏهن ميونسپالٽي آهي، ته اُها ڪڏهن وجود ۾ آئي هئي، آمدني ڪيتري ۽ وسيلا ڪهڙا آهن. سرڪاري عمارتون ۽ اسڪول ڪيترا آهن.
گزيٽيئر جو اُهو حصو، جنهن ۾ سنڌ جي شهرن، واهڻن ۽ وسندين جو ذڪر آهي، اُهو الف- ب وار رکيل آهي، جنهن سان پڙهندڙ کي مونجهارو محسوس ٿيندو. اِهو سلسلو ايئن هجي ها، ته هر ڪليڪٽوريٽ (ضلعي) جي شهرن، واهڻن ۽ وسندين جو ذڪر الڳ سان هجي ها. جنهن سان پڙهندڙ هڪڙي پوري ڪليڪٽوريٽ، اُتان جي ماڻهن، شهرن ۽ ڳوٺن کان پُوري ريت واقف ٿين ها. الف- بي وار ۾ جڏهن ’ڪ‘ جو سلسلو شروع ٿيل آهي، ته ڪراچي ڪليڪٽوريٽ جو ذڪر ٿيل آهي، جن جا ٻيا شهر، ڳوٺ يا ڊويزنون، جيئن شاهبندر، جهِرڪ، ٺٽو، مَنگهو پِير، حَٻ، جاتي، سُجاول ته اُنهن لاءِ ش، جهه، ٺ، م، ح، ج ۽ س واري سلسلي کي ڏسڻو پوي ٿو. اُهي سڀُ ڪراچي ڪليڪٽوريٽ جا شهر ۽ ڳوٺ ۽ ڊويزون آهن. اُنهن جو ذڪر هڪ هنڌ ڪراچي ڪليڪٽوريٽ ۾ هجي ها، ته پڙهندڙن کي سولائي ٿئي ها. اهڙيءَ طرح حيدرآباد، شڪارپور ڪليڪٽوريٽ به الڳ الڳ هجن ها، ته بهتر ٿئي ها. پر انهيءَ کي سنڌيڪار جي ڪا غلطي نه، پر اي. ڊبليو، هيوز جي غلطيءَ يا ڀُل چئي سگهجي ٿو. گڏوگڏ، انهيءَ وقت ڪليڪٽوريٽ کي ضلع جو درجو مليل هو ۽ ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ کي ڊويزن جو درجو مليل هو، پر هيوز پنهنجي گزيٽيئر ۾ ڪراچيءَ کي ضلعو ۽ ڪراچي ضلعي جي ڊويزن ’جهرڪ‘ کي به ڪٿي ڪٿي ضلعو لکي ٿو، جنهن سان پڙهندڙ ڪنهن قدر مونجهاري ۾ وٺجي وڃي ٿو.
گزيٽيئر جي پنجين بابُ جي انهيءَ حصي ۾ واهن جو ذڪر ٿيل آهي، جيڪا به انتهائي فائديمند معلومات آهي. مثال طور هو لکي ٿو ته، ”حيدرآباد ضلعي جي هالا ڊويزن ۾ 95 واهه آهن، جن مان 94 سرڪاري واهه ۽ هڪڙو واهه ’زمينداري‘ واهه آهي، جنهن مان نَوَ واهه سنڌو درياءَ مان سِڌو پاڻي کڻن ٿا. جڏهن ته ٻيا واهه سنڌو درياءَ جون شاخون آهن، يا وري اُهي وڏن واهن مان ڦُٽي نڪرن ٿيون.“
اهڙي نموني پوري سنڌ جي واهن جا نالا، ڊيگهه (ميلن ۾)، ويڪر (فوٽن ۾) ۾ ڏنل آهي. انهن مان حاصل ٿيندڙ محصول ۽ کاٽيءَ تي ايندڙ خرچ جا تفصيل ڏنل آهن. ٻيلن ۽ مياڻين، پَتڻن، ڍنڍن، ڍَڪن، روڊن جي ڊيگهه (ميلن ۾)، ويڪر (فوٽن ۾)، پُل يا بغير پُل رستن جا تفصيل ڏنل آهن.
هر ڊويزن (ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ) ۾ هندو، مسلمان جي فِرقن ۽ ذاتين بابت ڄاڻ ڏنل آهي. ٺٽي ۾ پليجا برادريءَ وڏي انگ ۾ رهندڙ آهي، پراُنهن جو ذڪر نه ڪيو ويو آهي. گبول، جيڪي بلوچن ۾ شمار ٿين ٿا، تن کي هيوز واري گزيٽيئر ۾ ڪٿي سما ۽ ڪٿي بلوچن ۾ شمار ڪيو ويو آهي. ميمڻ، جيڪي سنڌي آهن، تن کي سنڌين کان ڌار ڪري لکيو ويو آهي. گزيٽيئر ۾ سنڌ جي جيالاجيءَ (ڀُونءِ وِديا) بابت گهٽ مواد ڏنل آهي، جنهن جو اعتراف هيوز پاڻ پهرئين ڇاپي جي مهاڳ ۾ ڪيو آهي.
انهيءَ گزيٽيئر جا 1874ع، 1876ع ۽ 1996ع ۾ ٽي ڇاپا اچي چُڪا آهن، هاڻي اُهي ڇاپا ناياب ٿي چُڪا آهن. پر حُسين بادشاهه، هڪڙو گُم ٿيل خزانو، سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، اسان سنڌ واسين جي حوالي ڪيو آهي. پڇاڙيءَ ۾ حُسين بادشاهه کي هن شاندار ڪم تي دل جي گَهرائين سان واڌايون ڏيان ٿو ۽ اُميد ڪريان ٿو، ته هو اِهو سلسلو جاري رکندو.

گُل حَسن ڪِلمتي

https://web.facebook.com/RoshniPublication
https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 797
Kitab Jo Nalo : SINDH GAZETTEER

Comiled by: A.W. Hughes
Translated by: Hussain Badshah

First Edition © Roshni 2017
Pages : 836
Size : Royal
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 1000.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ
شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

No comments:

Post a Comment