ONDAH JAY PAT MAIN (A collection of Short Stories)








































املتاسي شام جو مقروض

هي ڪهاڻيون اهڙيون آ هن جهڙا پوپٽ! جيڪي هن جي دل مان اڏامي پري پري تائين پکڙجي ويا آهن.  پوپٽ ته ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ لاءِ هوندا آهن. پوپٽن جو ڪهڙو مهاڳ؟
خوشبو جي ڪهڙي تشريح؟
”اسان مسلسل خواب ۾ جي رهيا آهيون، جنهن مان جڏهن به لمحن لاءِ سجاڳ ٿيون ٿا ته ڪنهن نه ڪنهن کي وڃائي ويهون ٿا.“
هڪ روشن قنديل ”رشتو“ جو هڪ شعلو. هي ڪهاڻيون حساسيت جي ان ڪناري تي بيٺل آهن جنهن کان اڳتي رڳو سمنڊ ئي سمنڊ آهي. لڙڪن جو سمنڊ، اداسي ۽ تنهائيءَ جو سمنڊ، خاموشيءَ جو سمنڊ. هڪ منجهند مهل ”فريم“ جي سرمئي واديءَ مان گذري دل جي ڪناري تي لٿو هئس ته کيپ خمار ڇائنجي ويا هئم. ان پل قافلي جي ساربان کي فون ڪري ٻڌايو هئم ”سائين هي ڇا آهي. ’فريم‘ ته مون کي نشا ڏئي ڇڏيا آهن. قدم پيا ٿِڙن.... لفظ ساٿ نه ٿا ڏين چپن جو. ڪهاڻي آهي يا مڌ ڪٽورو آهي؟“
۽ جواب ۾ هو وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو هو. هن جي پُراثر ۽ معنيٰ خيز ٽهڪن تي صحرا ۾ جهرڻا جهاڳي پيا هئا. وليون ڦٽي پيون هون، گل ٽڙي پيا هئا.
وري اڄ، ذري گهٽ ستن اٺن سالن کان پوءِ ٻيو دفعو ”فريم“ جي ساڳي حسين واديءَ مان گذريو آهيان....
”جيڪڏهن منهنجي وس ۾ هجي ها ته اڄ رات جيڪر مان سنڌوءَ جي هر لهر تي هزارين ديپ جلائي ڇڏيا هان.“
آخري قنديل جو هڪ جملو.
جملو ناهي ڄڻ جر تي ٻرندڙ ڏيئو آهي. ۽ مان ٻرندڙ ڏيئي جي ڌيمي روشني ۾ اڳ وانگر اڄ به قافلي جي ساربان کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ساڳي ڳالهه جيڪا سدائين ساڳي هوندي به ساڳي نه هوندي آهي. نئين نڪور هوندي آهي، ڇو ته اها دل جي ڳالهه آهي. دل جي ڳالهه ڪڏهن به پراڻي نه ٿيندي آهي.
”مان اوريجنل ۽ نمبرٽو پرفيوم جو ليبل ڏسي هڪ نظر ۾ ٻڌائي سگهان ٿو ته ڪهڙو اوريجنل آهي ڪهڙو نمبر ٽو... علي.... نمبر ٽو پرفيومز وانگر، نمبر ٽو ماڻهن جو تعداد به لاتعداد آهي.“
فريم جي وادي جو ٻيو گل جهڙو جملو جنهن ۾ سچ جا سوين ڪنڊا به آهن. ڪنڊا جن جون چهنبون تيز آهن ۽ مان ڪنهن نمبر ٽو شخص سان پنهنجي اڄوڪي شام جي اداسي شيئر ڪرڻ بدران وري ساربان جو نمبر ملايان ٿو.... ها... سائين..... هي.... فريم.... ڪمال آهي.... ها واقعي هر جملي..... ۾ هڪ ڪهاڻي..... ها.... کيپ خمار...... ۽ پريان هو وري ساڳيا ٽهڪ ڏئي کلي ٿو. خاموشي جي .... خوشبو سان ڀريل گلن جهڙا ٽهڪ ڏئي کلندڙ...... هڪ شخص، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ڪلهن تائين وڏا وار رکندو هو، جن ۾ هالي ووڊ جي ڪنهن آرٽ فلم جو شاندار هيرو لڳندو هو ۽ پوءِ جيڪو ڪنهن شام گل وانگر زندگيءَ جي ٽاريءَ تان ڇڻي ويو هو. ۽ هن دفعي هن سان ڳالهايل منهنجا لفظ خزان جي پنن جيان هوا ۾ لرزند ارهجي ويا. 
ڀنڀا وار ڪلهن تي ڇتا ڇوڙي ڇڏيائون
نال نه نيائون!
آهي ارمان عجيبن جو! 
۽ هو فون کانسواءِ به منهنجي دل جي ڳالهه ٻڌي ٿو. محسوس ڪري ٿو.
هيءَ انهن ڏينهن جي ڪهاڻي آهي جڏهن سرنيهن جي چهچ ساين ٽارين مان پشمي گل بُراقن جي سنجن ۾ سجيل جهاٻن جيئن ٽڙي پوندا آهن. لمحن گذرڻ سان سج جا پاڇا، گهرن جي ديوارن تان گونگن جا پراسرار پاڇولا بڻجي کسڪڻ لڳندا آهن ۽ پهرين جو چنڊ ڏينهن گذرڻ سان رُهنڊ مان پڪريز بڻجي آسمان کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيندو آهي.“
ٻيءَ برندڙ قنديل جو روشن دائرو ”موچيءَ جو پٽ خواب ڏسي ٿو.“
شاعراڻن جملن سان اڻيل هي خواب هن بدنصيب ديس جو اهڙو نوحو آهي، جنهن جي اداس رڌم تي وقت سدائين پنهنجي ڇاتي ڪُٽيندو رهندو ۽ تاريخ پنهنجي مٿي ۾ مٽي وجهندي رهندي ۽ معاف ڪجو دوستو منهنجي لاءِ ان درد جو مهاڳ ٿيڻ ممڪن ناهي. درد جيڪو رهنڊ مان پڪريز بڻجي آسمان کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيندو آهي.“ سچ ته آرٽ جو تعلق ماڻهوءَ جي عقل سان گهٽ جذبي سان وڌيڪ آهي. آرٽ جو ڪم احساس کي اڀارڻ آهي نه ڪي ذهانت کي وڌائڻ. ذهانت کي تيز ڪرڻ لاءِ ته دنيا ۾ سوين هزارين ذريعا/ موضوع موجود آهن. بلڪه ماڻهو جو عقل ته ڪجهه وڌيڪ ئي تيز ٿي ويو آهي. 

منور سراج

https://twitter.com/RoshniPublicat
https://pk.linkedin.com/in/roshni-publication-393b0610b
https://www.flickr.com/photos/roshnipublication/albums
https://plus.google.com/u/0/110544413428908459446

Book No . 837
Kitab Jo Nalo : ONDAH JAY PAT MAIN

By : Tariq Alam Abro

First Edition © Roshni 2017
Pages :  279
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh
Price Rs. 300.00

Contact: 022-2780908, 0333-3782408
http://web.facebook.com/ShahLatifKitabGhar
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad, Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر، حيدرآباد+ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب، حيدرآباد 
ڪامريڊ عاصم آخوند لائبريري،نسيم نگر چوڪ ، قاسم آباد +ڪامريڊ بوڪ اسٽال، ڄامشورو
شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه + حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه
ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+لال بخش نيوز پيپر ايجنٽ، ٺٽو
رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو
جاويد بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو
اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ عوامي بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه 
مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه+ مڪتبه حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه
سليمان اينڊ برادرس، نواب شاهه + شهيد نذير عباسي ڪتاب گهر، نواب شاهه
المهراڻ ڪتاب گهر، کپرو+ حافظ ڪتاب گهر، کپرو + العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ + ٿر ڪتاب گهر، مٺي
ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص +حر ڪتاب گهر،سامهون ماڊل اسڪول، ميرپور خاص
المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، الفقراء منزل، سانگهڙ
سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو
مراد بوڪ ڊيپو،سيوهڻ+ عبدالرزاق بوڪ اسٽال، ميهڙ+ ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ
مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين، 
مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر
فيضان بوڪ ڊيپو،سکر+ بخاري ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي
سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور
تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس + خيرپور بڪ شاپ ،خيرپورميرس
نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس
مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا
ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ حافظ ڪتاب گهر،مورو+ ظفر ڪتاب گهر،مورو
ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهروفيروز + قاسميه لائبريري، اسپتال روڊ، ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو

No comments:

Post a Comment