AKELAEE JO AASMAN (Poetry)






































مهڪار اُٿڻ جي ڳالهه هلي!

اڄڪلهه ادبي حلقن ۾ هڪڙو بحث عام طرح هلي رهيو آهي ته، ”موجوده سنڌي شاعري ’مُقام‘ ڏانهن وڃي رهي آهي يا ’مقام‘
(status) حاصل ڪري چڪي آهي.“
اهو بحث، اخبارن ۽ کُنڀين وانگر هِتان هُتان نڪرندڙ بي موسم رسالن ۽ ڪتابي سلسلن ۾ بنا ڪنهن معيار يا پرک جي ڇپجندڙ شاعريءَ توڙي ياري باشيءَ وارن راين وسيلي ڪنهن شاعر جي مرتبي، درجي ۽ پد مقرر ڪرڻ وارين ڪوششن کان پوءِ ئي شروع ٿيو آهي. بحث جون ٻئي انتهائون، بي نتيجي هئڻ ڪري، عام پڙهندڙن ۾ مونجهاري جو ڪارڻ بنجي رهيون آهن. روايتي ورجاءَ، لفظي يڪسانيت، فن جي بدران ڊکاڻڪيءَ، بيجا نقاليءَ ۽ تتبع تي ٻڌل ۽ لفظن جي حُرمت کي پائمال ڪندڙ شاعريءَ کي ڏسي، ڪُجهه دل جليا دوست کهري زبان ۽ ڪڙي لهجي کي ڪتب آڻي رهيا آهن. پر سنڌ جو ’ڪوتا- کيتر‘، ائين به ناهي ته بلڪل ڀيلجي، ’اولڙ گاهه‘ بنجي ويو آهي، اُن ۾ نوان گل، گؤنچ ۽ شگوفا به ڦٽا آهن، جن جي تازگيءَ، شگفتگيءَ ۽ هڳساڻ سان سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ سُرهاڻجي رهي آهي. اسان جا اڃا ڪيترا پهرينءَ صف جا شاعر، شمشير الحيدري، امداد حسيني، تاج بلوچ، عبدالڪريم ارشد، راشد مورائي، وفا ناٿن شاهي، مير محمد پيرزادو، سرڪش سنڌي، وفا پلي، تاجل بيوس، آثم ناٿن شاهي، فتاح ملڪ وغيره ميدان ۾ موجود آهن ۽ نوجوان شاعرن جي به هڪ وڏي ڪهڪشان شاعريءَ جي آسمان تي چمڪي رهي آهي، جن مان ڪيترا ته اهڙا آهن، جن سينيئرن کان به ڇرڪ ڀرائي ڇڏيا آهن.
انتهائن جي اِن ٻه واٽي تي بيهي، اياز گل ۽ حليم باغيءَ کان پوءِ ڪوتا مارڳ تي قدم وڌائيندڙ نوجوان شاعرن جي قافلي تي نظر وجهجي ٿي ته، هڪڙو نالو اسان سمورن جي ’اکين جو مرڪز‘ بنجي پوي ٿو، جنهن روايتي ورجاءَ، يڪسانيت، تتبع ۽ ڊکاڻڪيءَ واري شاعريءَ کان هٽي ’لفظن جي حُرمت‘ ۽ ’تخليقي انداز‘ کي بحال رکيو آهي، ’يڪسانيت جي جمود‘ کي ٽوڙيو آهي ۽ روحن جي ڌرتيءَ کي گرمايو آهي. اُهو نوجوان شاعر آهي ’ايوب کوسو‘! هِن نوجوان جي شاعري پڙهي، اُنهن ماڻهن سان منطق ۽ دليل جي زبان ۾ ڳالهائي سگهجي ٿو، جيڪي يا ته شاعريءَ جي ضرورت جا مُنڪر آهن يا وري سنڌي شاعريءَ کان مايوس ٿي چُڪا آهن.
ايوب کوسي، پنهنجي پهرئين شعري مجموعي ”گلابن جو ڪفن“ ۾ شاعريءَ جي ضرورت ۽ اهميت کي ڪيڏن نه وزنائتن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي:
”هن سماج کي شاعريءَ جي تمام گهڻي ضرورت آهي، ڇو جو معاشري ۾ توازن موجود ناهي، جڏهن ته شاعريءَ ۾ توازن آهي. شاعري زندگيءَ جي معصوميت جو اصل جادو آهي.“
سچ ته هن نوجوان، شاعري دل سان لکي آهي ۽ سندس شاعري ذهن کي تازگي ۽ روح کي حرارت پهچائي ٿي. اڄوڪي ’خودڪش سماج‘ ۽ ’بي توازن معاشري‘ ۾ هن قسم جي شاعري اُتم- هتيائي سوچن، ذهني انتشار ۽ انساني وياڪلتا کي زندگيءَ جي واٽن تي موٽائڻ تي مجبور ڪري ٿي ۽ وياڪل دلين کي سُڪون ۽ ڏڍُ ڏيندڙ محسوس ٿئي ٿي.
ڄامشورا! تنهنجو آهي ڪرشمو،
هر پٿر مان ڇير آهي مُون ٻُڌي.
-
ٻالڪ جي اکين جهڙو آ ڳوٺُ پرين تُنهنجو!
سانوڻ ٿو رهي تُنهنجي مهڪار جي پيرن ۾.
-
اکين ۾ ڪائناتون ۽ بدن ۾ صبح جا جلوا،
خُدا جي ڄڻ ته فرصت ۾ اُها ويهي گهڙيل آهي.
-
تنهنجي جوڀن ۾ آهي اُٺي جي مَهڪ،
تُنهنجا ڪيڏا هوا ۾ اثر ٿا ورن!
-
چون ٿا هُن جي مُرڪن ۾، ڍنڍن جا ڦول ٿا مهڪن!
-
هيءَ زندگيءَ جي ٻولي، هي نڪور ۽ نئون لهجو، هيءَ ٻوليءَ ۾ نين تشبيهن ۽ استعارن جي تخليق ۽ هي جوڀن- ونت اسلوب ٻُڌائي ٿو ته ايوب کوسو لئيءَ مان لٺ ڀڃي شاعر نه ٿيو آهي، بلڪ هن سندس ئي لفظن ۾ ”روحانيت ۽ رومانيت جون چانڊوڪيون چمڪايون آهن.“ هن جي شاعريءَ هڪ ’مَقام‘ (status) حاصل ڪري ورتو آهي، هن جي شاعريءَ، ٻوليءَ جي پوتيءَ ۾ نوان ستارا ٽاڪيا آهن ۽ هن جو هيءُ تخليقي لهجو، وڏي وقت تائين زنده رهڻ جي پيشگوئي ڪري ٿو.
ايوب کوسي وٽ احساساتي زبان ۽ پنهنجو نڪور تاڃي پيٽو آهي، جنهن ۾ نقل جو شائبو به موجود نه آهي. هن جو اندازِ بيان منفرد ۽ تخليقي آهي، جنهن ۾ زندگيءَ جون رعنائيون، ڪرب، ڪوجهايون، بي حسيون، ٻُڏترون، آشائون ۽ روشنيون- مطلب ته زندگيءَ جا سڀ رنگ موجود آهن:
پکين جي پرن ۾ وڏا دردَ آهن،
سنجها جو سنڌوءَ جي ڪنارن ٻُڌايو!
-
مِٺيءَ جي شهر ۾ مسافر مرن ٿا،
اويلا نه اچجو، نظارن ٻُڌايو.
-
گلابن کي ڇاڻي هوا ڪا وڃي ٿي،
سُڳنڌي ڪهاڻيون، پٿر ٿي وڃن ٿيون!
-
نڪي هوءَ اچي ٿي، نه موسم ڦري ٿي،
سُڪي رات راڻيون، پٿر ٿي وڃن ٿيون.
-
هر وقت گهٽين ۾ اوجاڳا، پيا پازيبن جو پنڌ پُڇن،
-
مان آسرن جي اُس ۾، بيٺو رهيس اڪيلو،
ارپيا نه تو گلابَ، اکيون تڙپنديون رهيون!
-
ڪو خاموشين ۾ ساهه وِجهو،
جِئن روپا ماڙي لوڪ تڪي،
ڪو دودو ڀڙڪي دانهن ڪري،
هن رڻ پٽ کي ڪا جاڳ اچي!
-
ڪو خاموشين ۾ ساهه وجهو،
سوچن کي اڙايو مقتل سان،
شعلن کي سمايو ٻوليءَ ۾،
تاريخ درن تي بيٺي آ،
ڪي ڦول وجهو اُن جهوليءَ ۾!
-
ايوب کوسي وٽ سماجي ۽ قومي شعور به بلند سطح جو آهي ۽ اُن جو اظهار به ايڏو ته فنائتو ڪري ٿو، جو سندس شاعري، فن ۽ فڪر جو سهڻو گلدستو بنجي پوي ٿي:
ٻُڍن سان حياتين جو سودو ٿئي ٿو،
گلابي نياڻيون، پٿر ٿي وڃن ٿيون.
-
تهذيب جي نئين چادر، ڀل روحَ تي اوڍي ڇڏ!
موهن جي دڙي جون پر، ڪجهه دل ۾ ڪٿائون رک!
-
اسان جي تهذيب جي بدن تي، بناوتن جي ڏسو هي حرڪت،
روايتن کي لڳي آ ڦاهي، ڳجهارتن کي ڇُرو لڳو آ.
-
ڪو جسم اگهاڙو نينگر جو، ڪا ڌرتيءَ جي ٿو دانهن لڳي،
سڀ خواب اکين جا چورايل، هي سنڌوءَ جا نوحا سمجهان!
ڪلهه اُرهه اُڀي جي اوٽ وٽان، هن چنڊ ڏٺو هو آڌيءَ جو،
اڄ لاش اُنهيءَ جو اجرڪ ۾، ٿو پن ڇڻ جي فتويٰ سمجهان!
مٿيان شعر اسان جي سماج ۾ بي جوڙ شادين، غربت جي ننگين تصويرن ۽ چنڊ روپي نياڻين کي انڌن الزامن هيٺ قتل ڪرڻ وارن واقعن سان گڏ اِهو احساس به ڏين ٿا ته اسان کي پنهنجيءَ تهذيب جا زنده جاويد قدر ۽ بهتر روايتون پڻ قائم رکڻ گهرجن، ۽ ڌارين تهذيب جي انڌي نقالي نه ڪرڻ گهرجي. اسان جو هي شاعر حسن ۽ عورت جي بيحرمتي برداشت ڪرڻ لاءِ ڪنهن به صورت ۾ تيار نه آهي، ان ڪري سندس شاعريءَ جو تاڃي پيٽو حسن ۽ عورت، (جيڪي ٻئي تخليق جا مجسم آهن) تي ٻڌل آهي.
اڄ جڏهن سنڌو درياهه تي بند ٻڌي، سنڌ اندر تهذيب ۽ جيوت جا نشان مٽائڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، تڏهن هن نوجوان شاعر پڻ ’سنڌوءَ جو ڪيڏارو‘ ڳاتو آهي، پر ڇا ته سندس تخليقي انداز آهي، ڇا ته سندس ٻوليءَ جي حُسناڪي آهي ۽ ڇا ته سندس اندازِ بيان ۾ ڪرب سمايل آ هي!
نه ٻيڙي، نه جوڙا، نه پاڻيءَ ڦڙو ڪو،
اکين کي سنڌوءَ جي ڪيڏاري ڪُٺو آ.
-
سنڌوءَ جي بيوفائيءَ تي، لَڏي پيو ڳوٺ ”سُهڻين“ جو،
نهاريون ڇا وڃي اوڏي، رتو رت دلبريون آهن!
ايوب کوسي لاءِ سندس شاعري، سندس ’اڪيلائيءَ جو آسمان‘ آهي، پر اسان لاءِ سندس شاعري ’لٽيل سنڌ جي نوحي‘ سان گڏ ’آزاديءَ جو حسين خواب‘ پڻ آ هي:
سُرخ پنن تي سنڌ لکان ٿو،
ڄڻ ته ڦٽن تي سنڌ لکان ٿو.
-
ڇُلڪي هن جا نيڻ پون ٿا،
نانءُ هٿن تي سنڌ لکان ٿو.
-
اڃا آئي ناهي گلابن جي موسم،
اڃا سنڌ ۾ آ عذابن جي موسم!
-
من جو ديبل دانهن ڪري ٿو،
سرد وچن تي سنڌ لکان ٿو.
-
ڪو خاموشين ۾ ساههُ وجهو!
بدبخت اُگهاڙين راتين ۾،
زنجير ٽُٽڻ جي ڳالهه هلي،
ڪي ديوارن ۾ ڏار پون ،
مهڪار اُٿڻ جي ڳالهه هلي!
-
ڪو خاموشين ۾ ساهه وجهو،
ڪا واهوندي ۾ ڇير وڄي،
بيتاب اُٿي ڪو تَمرُ چوي:
”ڏس هاڻ ڀٽائي! سنڌڙيءَ تي،
پيو ڳاڙهو سورج ڳاٽُ کڻي!
-
’سنڌڙيءَ ۾ ڳاڙهي سورج‘ اُڀرڻ جي آس رکندڙ ايوب کوسي جي شاعريءَ ۾ هيءُ مجموعو ’اڪيلائيءَ جو آسمان‘، جديد سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ ’سگهارو قدم‘ ۽ ’نئين صبح جي نويد‘ آهي. آءٌ ’دانشوراڻي پهچ‘ (Intellectual approach) سان ڀرپور شاعريءَ جي خالق ايوب کوسي کي هڪ دوستاڻي راءِ ڏيندس ته پنهنجي تخليقي ٻوليءَ ۾ ڪنهن به ورجاءَ کان پاسو ڪري ۽ پنهنجي سماجي شعور کي عوامي سطح تائين کڻي اچي ته، سندس ڪوتا- ڪنوار جو حُسن اڃا به نکري پوندو!

تاج جويو
2003ع


Book No . 727
Kitab Jo Nalo : AKELAEE JO AASMAN (Poetry)

Poet: Ayoob Khoso

Third Edition © Roshni 2015
Pages : 176
Size : Demy
Published By : Roshni Publication, Kandiaro,Sindh

Price Rs. 225.00

Contact: 022-2780908
Address: Shah Latif Kitab Ghar, Gulzar Marhi, Ghardi Khato, Hyder Chowk, Hyderabad,  .Sindh

اسٽاڪسٽ

شاهه لطيف ڪتاب گهر، گاڏي کاتو، حيدرآباد
ڀٽائي بوڪ هائوس اوريئنٽ سينٽر حيدرآباد+ ڪنگ پن بڪ شاپ، پريس ڪلب حيدرآباد+ ورسٽي بڪ شاپ ڄامشورو

شير يزدان بڪ اسٽال، ڀٽ شاهه+ حيدر ڪتب خانو، ڀٽ شاهه

ڪاٺياواڙ اسٽور، اردو بازار، ڪراچي+ رابيل ڪتاب گهر، لاڙڪاڻو + رهبر بڪ اڪيڊمي، رابعه سينٽر، لاڙڪاڻو.
مدني بڪ ڊيپو، لاڙڪاڻو + نيشنل بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو
نوراني بوڪ ڊيپو، بندر روڊ، لاڙڪاڻو+ عبدالله بڪ ڊيپو، بندر روڊ لاڙڪاڻو

اشرف بوڪ اسٽال، مسجد روڊ، نوابشاهه+ مڪته گلشير، لياقت مارڪيٽ نواب شاهه + حافظ اينڊ ڪمپني لياقت مارڪيٽ نواب شاهه

سڪندري بوڪ ڊيپو، کپرو + حافظ ڪتب خانو، کپرو+ المهراڻ ادبي ڪتاب گهر، سانگهڙ+ العزيز ڪتاب گهر، عمرڪوٽ

مدني اسلامي ڪتب خانو دادو+ سليم نيوز ايجنسي، نيو بس اسٽينڊ، دادو + جنيد بوڪ ڊيپو، دادو+ عبدالرزاق بڪ اسٽال ميهڙ

مرچو لال بوڪ ڊيپو، بدين + رحيم بوڪ ڊيپو، بدين + سوجهرو ڪتاب گهر، بدين+ ٿر ڪتاب گهر، مٺي

ڪنگري بوڪ شاپ، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص + المهراڻ‌ ادبي ڪتاب گهر ميرپورخاص + هلال ڪتاب گهر، اسٽيشن روڊ، ميرپور خاص

مهراڻ بوڪ سينٽر سکر+ ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، سکر + عزيز ڪتاب گهر، بئراج روڊ، سکر+الفتح نيوز ايجنسي، مهراڻ مرڪز، سکر+ بخاري ڪتاب گهر، مهراڻ مرڪز، سکر+ مڪتبه امام العصر، گهوٽڪي

سنڌ ڪتاب گهر، شڪارپور+ مولوي عبدالحئي شڪارپور + سعيد بوڪ مارٽ، شڪارپور + وسيم ڪتاب گهر شڪارپور

تهذيب نيوز ايجنسي، خيرپور ميرس+نيشنل بڪ اسٽال، پنج گلو چوڪ، خيرپور ميرس+ ميمڻ بوڪ ڊيپو، نوشهرو فيروز+ خيرپور بوڪ اسٽال، خيرپور ميرس+ مڪتبيه عزيزيه کهڙا + سچل ڪتاب گهر، درازا

ڪنول ڪتاب گهر، مورو+ ظفر ڪتاب گهر، اپولو اسڪول، مورو + حافظ ڪتاب گهر، مورو + قاسميه لائبرير، اسپتال روڊ ڪنڊيارو+ سارنگ ڪتاب گهر، ڪنڊيارو۔

No comments:

Post a Comment